زبور 15 - Muslim Sindhi Bibleخدا جي حضور ۾ رهڻ وارا (دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 اي خداوند! تنهنجي مقدس خيمي منجھہ ڪير رهندا؟ تنهنجي پاڪ جبل تي ڪير اچي رهندا؟ 2 بيشڪ اتي اهي ئي شخص رهندا، جيڪي تابعداريءَ سان هلن ٿا، جيڪي نيڪيءَ جا ڪم ٿا ڪن ۽ سدائين سچ ڳالهائين ٿا. 3 اهي پنهنجيءَ زبان سان ڪڏهن بہ ڪنهن جي گِلا نہ ٿا ڪن، نڪي هو ڪنهن سان ڪا بدي ٿا ڪن، ۽ نہ ئي وري ڪنهن تي ڪا تهمت ٿا هڻن. 4 انهن جي نظر ۾ ڪميڻا ماڻهو حقارت جي لائق آهن، پر جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا تن جي هو عزت ٿا ڪن. اهي جڏهن بہ قسم کڻن ٿا، تڏهن نقصان هوندي بہ انهيءَ کان نہ ٿا ڦرن. 5 هو ڪنهن کي اڌارا پئسا ڏيئي کانئس وياج نہ ٿا وٺن، نڪي هو ڪنهن بيڏوهيءَ جي خلاف ڪا رشوت ٿا وٺن. جيڪي اهڙا چڱا ڪم ڪن ٿا، تن کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو نہ ايندو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society