زبور 149 - Muslim Sindhi Bibleفتحمنديءَ جو گيت 1 خداوند جي واکاڻ ڪريو. خداوند جي لاءِ هڪ نئون گيت ڳايو، فرمانبردارن جي گڏجاڻيءَ ۾ انهيءَ جي واکاڻ گونجي. 2 بني اسرائيل پنهنجي خالق سان شاد رهن. هائو، صيئون جا رهاڪو پنهنجي انهيءَ بادشاهہ جي ڪري خوشيون ملهائين. 3 ڀلي تہ هو نچندي ڪُڏندي سندس نالي جي واکاڻ ڪن. هو دڦ ۽ سارنگيون وڄائي سندس تعريف ڳائين. 4 بيشڪ خداوند پنهنجي قوم کان ڏاڍو خوش ٿئي ٿو، ۽ پنهنجي تابعدارن کي فتحمندي بخشي ٿو. 5 ڀلي تہ سندس قوم پنهنجي فتحمنديءَ تي خوشيون ملهائي، ڀلي تہ هو سمهندي بہ خوشيءَ جا گيت پيا ڳائين. 6 ڀل تہ سندن زبان تي خدا جي واکاڻ هجي، جڏهن تہ سندن هٿن ۾ ٻِہمنهين تلوار هجي، 7 انهيءَ لاءِ تہ جيئن اهي غير قومن کان بدلو وٺن، ۽ انهن کي سزائون ڏين. 8 ڀل تہ هو انهن جي بادشاهن کي زنجيرن سان ٻڌي ڇڏين، ۽ سندن اميرن کي لوهي هٿڪڙيون هڻي ڇڏين، 9 تانتہ قومن کي اها سزا ڏين جنهن جي خدا فتويٰ ڏني اٿن. بيشڪ خدا جي چونڊيل قوم لاءِ اها ئي فتحمندي آهي. خداوند جي واکاڻ ڪريو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society