زبور 148 - Muslim Sindhi Bibleڪائنات جي خالق جي واکاڻ 1 خداوند جي واکاڻ ڪريو. اي آسمان وارؤ! خداوند جي واکاڻ ڪريو، هائو، اي عرش عظيم تي رهڻ وارؤ! خداوند کي سڳورو چئو. 2 اي انهيءَ جا آسماني لشڪرؤ! اوهين سندس واکاڻ ڪريو، هائو، اي انهيءَ جا سڀيئي ملائڪؤ! اوهين کيس سڳورو چئو. 3 اي سج ۽ اي چنڊ! اوهين سندس واکاڻ ڪريو. اي سڀيئي چمڪندڙ تارؤ! اوهين کيس سڳورو چئو. 4 اي آسمانن جا آسمان! تون کيس واکاڻ پيو. اي آسمان کان مٿي وارا پاڻي! تون بہ انهيءَ کي سڳورو چئُہ. 5 ڀلي تہ اهي خداوند جي نالي جي واکاڻ پيا ڪن، ڇوجو هن جي حڪم سان ئي سڀڪو پيدا ٿيو آهي. 6 هن ئي هميشہ لاءِ انهن کي سندن جاءِ تي قائم ڪيو آهي. انهن لاءِ جاري ڪيل سندس قانون هرگز مٽجي نہ ٿو سگھي. 7 اي زمين وارؤ! اوهين خداوند جي واکاڻ ڪريو، اوهين بہ اي اونها سمنڊؤ! ۽ اي سمنڊ جا اجگر نانگؤ! 8 اوهين بہ اي وڄ ۽ ڳڙؤ! ۽ اي برف ۽ ڪوهيڙؤ! اوهين بہ اي واچوڙؤ! جيڪي سندس حڪم تي عمل ٿا ڪريو. 9 اي جبل پهاڙؤ! ۽ اي سڀ ٽڪريون! اوهين سندس واکاڻ ڪريو، اوهين بہ اي باغن جا وڻؤ! ۽ اي ٻيلي جا وڻؤ! 10 اوهين بہ اي سڀ جھنگلي جانورؤ! ۽ پڻ گھريلو جانورؤ! اوهين بہ اي ڌرتيءَ تي سرندڙ جيتؤ! ۽ پڻ اوهين اي سارا پکيؤ! 11 اوهين اي دنيا جا بادشاهؤ! ۽ پڻ سموريون قومون! اوهين اي دنيا جا سردارؤ! ۽ پڻ اي سڀ حڪمرانؤ! 12 اوهين اي سڀ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون! اوهين بہ اي پوڙها ۽ ٻارؤ! يعني اي سارا انسانؤ! سڀيئي سندس واکاڻ ڪريو. 13 هائو، اهي سڀ خداوند جي نالي جي واکاڻ پيا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هن جو ئي نالو سڀني کان سرفراز آهي. سندس عظمت زمين وَ آسمان کان بلند آهي. 14 هن پنهنجيءَ قوم کي مضبوط ڪيو آهي، تانتہ سندس اهي نيڪ بندا سندس ئي واکاڻ پيا ڪن، هائو، اهي سمورا بني اسرائيل جيڪي سندس پيارا آهن. خداوند جي واکاڻ ڪريو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society