زبور 147 - Muslim Sindhi Bibleخداوند قادرِمطلق جي ثنا 1 خداوند جي واکاڻ ڪريو. اسان جي خدا جي واکاڻ ڳائڻ سٺو آهي، ڇاڪاڻ تہ اها ڳائڻ بيحد چڱي ۽ دلپسند آهي. 2 خداوند پاڻ يروشلم شهر وري اڏي ٿو. هو بني اسرائيل کي جلاوطنيءَ مان آڻي اتي گڏ ڪري ٿو. 3 ٽٽل دلين کي هو ئي شفا بخشي ٿو، انهن جي زخمن کي هو ئي پٽيون ٻڌي ٿو. 4 هو تارن جو تعداد مقرر ڪري ٿو، ۽ هر هڪ تاري تي جدا جدا نالو رکي ٿو. 5 اسان جو خداوند عظيم ۽ وڏيءَ قدرت وارو آهي. هن جي حڪمت جو ڪو ئي بہ ڪاٿو ناهي. 6 خداوند پنهنجي تابعدارن کي سربلند ڪري ٿو، پر هو بڇڙن ماڻهن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏي ٿو. 7 اوهين خداوند جي حضور ۾ شڪراني جا گيت ڳايو. اوهين سارنگيون وڄائيندي اسان جي خدا جي واکاڻ ڪريو. 8 انهيءَ سبب جو هو آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪي ٿو، ڌرتيءَ تي مينهن وسائي ٿو، ۽ ٽڪرن تي گاهہ اُڀاري ٿو. 9 هو نہ رڳو ڪانون جي پڪاريندڙ ٻچڙن کي، بلڪ هر جانور توڙي پکيءَ کي کاڌو مهيا ڪري ٿو. 10 جنگي گھوڙن جي طاقت کان هو خوش ڪين ٿو ٿئي، نڪي وري جنگي جوڌن کان ئي هو متاثر ٿئي ٿو، 11 بلڪ خداوند انهن کان ئي خوش ٿئي ٿو جيڪي کانئس ڊڄن ٿا، هائو، انهن کان جيڪي سندس دائمي رحمت ۾ اميد رکن ٿا. 12 اي يروشلم! خداوند جي واکاڻ ڪر، هائو، اي صيئون! پنهنجي خدا کي سڳورو چئُہ، 13 ڇاڪاڻ تہ هُن تنهنجي دروازن جا گز مضبوط ڪيا آهن، ۽ تنهنجي رهاڪن کي برڪت عطا ڪئي اٿائين. 14 هو تنهنجي سرحدن ۾ امن وَ سلامتي آڻي ٿو، ۽ عمدي ڪڻڪ سان تو کي ڀرپور ڪري ٿو. 15 هو پنهنجا حڪم ڌرتيءَ ڏانهن موڪلي ٿو، ۽ هڪدم انهن تي عمل ٿي وڃي ٿو. 16 هو برف کي ڪپهہ جيان ڌرتيءَ تي ڪيرائي ٿو، ۽ پاري کي خاڪ جيان پکيڙي ڇڏي ٿو. 17 هو ڳڙن کي مانيءَ جي ڀورن وانگر وسائي ٿو، ۽ سندس موڪليل سرديءَ ۾ نديون بہ ڄمي برف ٿيو وڃن. 18 پوءِ جڏهن هو حڪم ڏئي ٿو تہ واءُ گھلڻ لڳي ٿو، برف رجي وڃي ٿي ۽ ندين جو پاڻي وري وهڻ لڳي ٿو. 19 هن بني يعقوب کي پنهنجو فرمان عطا ڪيو آهي، هائو، بني اسرائيل تي پنهنجا قاعدا قانون پڌرا ڪيا اٿس. 20 هن ٻي ڪنهن بہ قوم کي اهڙيءَ نموني پنهنجي قاعدن قانونن کان آگاهہ ڪين ڪيو آهي. خداوند جي واکاڻ ڪريو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society