زبور 146 - Muslim Sindhi Bibleخدا تي توڪل 1 خداوند جي واکاڻ ڪريو. آءٌ دل وَ جان سان انهيءَ کي سڳورو چوان ٿو. 2 جيستائين آءٌ جيئرو رهندس، تيستائين خداوند جي واکاڻ پيو ڪندس. جيستائين منهنجي حياتي هوندي، تيستائين آءٌ خدا جي واکاڻ پيو ڳائيندس. 3 اوهين دنيا جي سردارن، بلڪ ڪنهن بہ بني بشر تي ڪو ڀروسو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان کي بچائي نہ ٿا سگھن. 4 جڏهن سندن ساهہ نڪري ٿو تڏهن وڃي مٽيءَ ۾ ٿا ملن، ۽ انهيءَ دم سندن سڀيئي منصوبا فنا ٿي وڃن ٿا. 5 سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جن جو مددگار يعقوب جو خدا آهي، ۽ جن کي خداوند پنهنجي خدا تي ئي اميد آسرو آهي. 6 انهيءَ ئي خداوند زمين، آسمان ۽ سمنڊ کي ۽ جيڪي ڪجھہ انهن ۾ آهي تنهن کي پيدا ڪيو آهي. هو پنهنجي واعدن کي هميشہ قائم رکي ٿو. 7 هو ستايلن جي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو، بکايلن کي کاڌو ڏئي ٿو، ۽ قيدين کي ڇڏائي ٿو. 8-9 خداوند ئي انڌن جون اکيون کولي ٿو، ۽ جيڪي مشڪلاتن ۾ وڃيو ڪرن ٿا، تن کي هو اٿاري کڙو ڪري ٿو. هو ئي اسان ۾ رهندڙ ڌارين جي حفاظت ڪري ٿو، ۽ يتيمن ۽ رننزالن جي سنڀال لهي ٿو. بيشڪ خداوند سچارن کي پيار ڪري ٿو، جڏهن تہ بڇڙن جون راهون رد ڪري ڇڏي ٿو. 10 اي صيئون وارؤ! خداوند اوهان جو خدا سدائين بادشاهي ڪندو رهندو، هائو، هو سڀني پيڙهين تائين بادشاهي ڪندو رهندو. خداوند جي واکاڻ ڪريو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society