زبور 145 - Muslim Sindhi Bibleخدا جي عظمت جي واکاڻ (دائود جي زبورن ۾ شامل، واکاڻ جو گيت) 1 اي منهنجا خدا بادشاهہ! آءٌ تنهنجي تعظيم پيو ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي کي هميشہ سڳورو چوندو رهندس. 2 روزانو آءٌ تو کي برڪت وارو چوندو رهندس، ۽ تنهنجي نالي جي سدائين واکاڻ ڪندو رهندس. 3 اي خداوند! بيشڪ تون عظيم ۽ واکاڻ جي لائق آهين، بلڪ تنهنجي عظمت سوچ کان بہ مٿاهين آهي. 4 هڪڙي پيڙهي ٻي پيڙهيءَ سان تنهنجي ڪمن جي تعريف پيئي ڪندي، هائو، اهي تنهنجي قدرت وارن ڪمن جو بيان ڪندا رهندا. 5 آءٌ پڻ تنهنجي حشمت ۽ شان وَ شوڪت جو ذڪر ڪندو رهندس، ۽ تنهنجي عجيب ڪمن تي غور پيو ڪندس. 6 بيشڪ آءٌ تنهنجي عظمت جو بيان ڪندو رهندس. هائو، تنهنجي قدرت جي هيبتناڪ ڪمن جو ذڪر ڪيو ويندو، 7 تنهنجي عظيم احسان جي واکاڻ پيئي ٿيندي، ۽ خوشيءَ وچان تنهنجي عدل وَ انصاف جا گيت ڳايا ويندا. 8 خداوند رحيم ۽ ڪريم آهي، هو ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ دائمي ٻاجھہ وارو آهي. 9 خداوند سڀني تي پنهنجو ڪرم ڪري ٿو، هو پنهنجي سڄي مخلوقات تي مهربان آهي. 10 اي خداوند! تنهنجي سڄي مخلوقات تنهنجو شڪرانو ادا ڪندي، ۽ تنهنجا نيڪ بندا تو کي سڳورو چوندا. 11 اهي تنهنجي شاهي شان وَ شوڪت جو ذڪر ڪندا رهندا، ۽ تنهنجي قدرت جون ڳالهيون پيا ڪندا، 12 انهيءَ لاءِ تہ جيئن تنهنجي قدرت جا ڪم، ۽ تنهنجي شاندار بادشاهت جو جلال بني آدم تي ظاهر ڪن. 13 بيشڪ تنهنجي بادشاهت ابدي بادشاهت آهي. هائو، تنهنجي حڪومت سڀني پيڙهين تائين قائم رهندي. اي خداوند! تنهنجا سڀيئي قول سچا آهن، ۽ تنهنجا سمورا ڪم ڀلا آهن. 14 اي خداوند! مشڪلاتن ۾ ڦاٿلن کي تون ئي سنڀالي ٿو وٺين، هائو، سڀني ڪرندڙن کي تون ئي اٿاري کڙو ڪرين ٿو. 15 سڄي جهان جون اکيون تو ڏانهن ئي واجھائين ٿيون، تون ئي انهن کي پوري وقت تي کاڌو عطا ڪرين ٿو. 16 تون سخاوت سان پنهنجي مٺ انهن تي کولين ٿو، ۽ هر جاندار جي خواهش پوري ڪرين ٿو. 17 خداوند پنهنجي سڀني واٽن ۾ سچار آهي. هو جيڪو بہ ڪم ڪري ٿو تنهن ۾ سندس رحم شامل آهي. 18 خداوند انهن سڀني کي ويجھو آهي، جيڪي کانئس دعا گھرن ٿا، بشرطيڪ اهي کيس سچيءَ دل سان پڪارين. 19 جيڪي کانئس ڊڄندا رهن ٿا، تن جي هو مراد پوري ڪندو. هو سندن فرياد ٻڌي کين بچائي وٺندو. 20 خداوند انهن سڀني جي حفاظت ٿو ڪري، جيڪي کيس پيار ٿا ڪن. پر هو سڀني بڇڙن کي فنا ڪري ڇڏيندو. 21 آءٌ خداوند جي واکاڻ ڪندو رهندس. شل هر انسان سندس پاڪ نالي کي هميشہ سڳورو چوي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society