Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 143 - Muslim Sindhi Bible


مصيبت جي وقت دعا
(دائود جي زبورن ۾ شامل)

1 اي خداوند! منهنجي دعا ٻڌ. تون پنهنجي وفا موجب منهنجي منٿن تي ڪن ڏي. هائو، پنهنجي سچائيءَ مطابق مون کي ورندي ڏي.

2 تون پنهنجي هن بندي کي پنهنجي عدالت آڏو نہ آڻج، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي آڏو ڪوبہ سچار ثابت نہ ٿو ٿئي.

3 دشمن مون کي ڏاڍو ستايو آهي، بلڪ منهنجي قوت کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿائين. جيڪي گھڻي مدت کان مري ويا آهن، تن وانگر هن مون کي اونداهيءَ ۾ بند رکيو آهي.

4 تنهنڪري آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ پئجي ويو آهيان، ۽ بيحد دلگير ٿو رهان.

5 تنهن هوندي بہ آءٌ قديم زماني تي نظر وجھان ٿو، ۽ تنهنجي ڪمن تي غور ويچار ڪريان ٿو. هائو، آءٌ تنهنجي عظيم ڪمن بابت سوچيان ٿو.

6 تڏهن آءٌ پنهنجا هٿ تو ڏانهن ڊگھيريان ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پياسي ڌرتيءَ جيان تنهنجو سِڪايل آهيان.

7 اي خداوند! منهنجي جلدي ٻڌ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ پئجي ويو آهيان. تون مون کان منهن نہ موڙ، متان آءٌ مئلن جيان قبر ۾ وڃي پوان.

8 اي خداوند! منهنجو ڀروسو تو تي ئي آهي، سو هر صبح جو مون کي پنهنجي ٻاجھہ عطا ڪر، ۽ جنهن واٽ تي مون کي هلڻ کپي سا مون کي ڏيکار، ڇاڪاڻ تہ منهنجي دل تو سان ئي لڳل آهي.

9 اي خداوند! مون کي منهنجي دشمنن کان ڇڏاءِ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پناهہ لاءِ تو وٽ ئي ڊوڙي آيو آهيان.

10 مون کي سيکار تہ آءٌ تنهنجي مرضيءَ تي هلان، ڇاڪاڻ تہ تون ئي منهنجو خدا آهين. بيشڪ تون ڀلو آهين، سو مون کي سڌيءَ راهہ تي هلاءِ.

11 اي خداوند! پنهنجي نالي خاطر مون کي جيئرو رک، ۽ پنهنجي سچائيءَ موجب مون کي تڪليفن مان ڪڍ.

12 تون پنهنجيءَ ٻاجھہ مطابق منهنجي دشمنن کي فنا ڪر. هائو، جيڪي مون کي ڏک ٿا ڏين تن کي تون برباد ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجو ئي بندو آهيان.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan