زبور 142 - Muslim Sindhi Bibleمدد لاءِ دعا ( دائود هي زبور ان وقت چيو، جڏهن هو غار ۾ رهيل هو.) 1 اي خداوند! آءٌ بلند آواز سان تو کي فرياد ٿو ڪريان، هائو، آءٌ وڏي آواز سان تو خداوند کي منٿون ٿو ڪريان. 2 آءٌ تنهنجي حضور ۾ پنهنجو فرياد پيش ٿو ڪريان، هائو، آءٌ تو آڏو پنهنجا ڏک بيان ڪريان ٿو، 3 ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ پريشان ٿيان ٿو، تڏهن تون ئي اهو ڄاڻين ٿو تہ ان وقت آءٌ ڇا ڪريان. جنهن راهہ تان آءٌ گذران ٿو، تنهن راهہ تي دشمن ڦندو اڏيو ويٺا آهن. 4 اتي آءٌ واجھائي ڏسان ٿو تہ ڪوبہ ويجھو ڪونهي جيڪو مون ڏانهن ڌيان ڏئي. ڪوبہ ناهي جيڪو منهنجو فڪر ڪري. هائو، مون لاءِ ڪا جاءِپناهہ ناهي. 5 تڏهن اي خداوند! آءٌ تو کي ئي پڪاريان ٿو، ۽ چوان ٿو تہ تون ئي منهنجي جاءِپناهہ آهين، بلڪ هن دنيا ۾ تون ئي مون لاءِ سڀ ڪجھہ آهين. 6 جيئن تہ آءٌ ڏاڍو نااميد ٿي پيو آهيان، سو تون منهنجيءَ دانهن تي ڌيان ڏي، ۽ مون کي ستائيندڙن کان ڇڏاءِ، ڇوجو اهي مون کان وڌيڪ طاقتور آهن. 7 اي خداوند! تون مون کي هن ڌٻڻ مان ڪڍ، تانتہ آءٌ تنهنجي نالي جو شڪرانو ادا ڪريان. تڏهن تنهنجي انهيءَ ڀلائيءَ جي نتيجي ۾ گھڻا ئي سچار اچي شڪراني ۾ مون سان شامل ٿيندا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society