Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 141 - Muslim Sindhi Bible


شام جي دعا
(دائود جي زبورن ۾ شامل)

1 اي خداوند! آءٌ تو کي پڪاريان ٿو، تون منهنجي فرياد تي پنهنجو ڪن ڏي، ۽ جلدي اچي منهنجي مدد ڪر.

2 شال منهنجو هٿ بلند ڪري دعا گھرڻ ائين قبول پوي، جيئن لوبان ساڙڻ يا شام جي پيش ڪيل قرباني تو وٽ قبول پوي ٿي.

3 اي خداوند! جيئن ڪو مالڪ حفاظت لاءِ در تي پهرو بيهاري ٿو، تيئن ئي منهنجي ڳالهائڻ کي ظابطي ۾ رکڻ لاءِ تون منهنجي مدد ڪر.

4 منهنجيءَ دل کي تون ڪنهن بہ برائيءَ ڏانهن مائل ٿيڻ نہ ڏي، متان آءٌ بڇڙائي ڪرڻ ۾ بدڪار ماڻهن سان شامل ٿي وڃان. اي خداوند! انهن جي سنگت ۾ ويهي لذيذ کاڌا کائڻ کان بہ مون کي پري رک.

5 سچار ماڻهو ڀل مون کي جھڻڪن بلڪ کڻي مار بہ ڏين، اها آءٌ سندن مهرباني سمجھندس. پر بڇڙن سان واسطو رکڻ سان توڙي جو وڏو مان ملي، سو بہ مون کي قبول ناهي. اٽلندو انهن جي بڇڙاين خلاف آءٌ دعا گھرندو رهندس.

6 جڏهن اهي ٽڪر، يعني خداوند جي عدالت ۾ ايندا. تڏهن مڃيندا تہ منهنجيون ڳالهيون بلڪل سچيون هيون.

7 پوءِ هو چوندا تہ ”جيئن ڪو زمين کي هر ڏيئي ڀتر کيڙي ٿو، تيئن ئي اسان جا هڏا قبر جي منهن تي ٽڙيل پکڙيل آهن.“

8 پر اي خداوند، منهنجا مالڪ! منهنجيون اکيون تو ڏانهن آهن. آءٌ تنهنجي ئي پناهہ وٺان ٿو، سو مون کي نڌڻڪو مرڻ نہ ڏجانءِ.

9 بدڪارن مون لاءِ جيڪو ڦندو اَڏايو آهي، هائو، جيڪا ڦاهي مون لاءِ اڏي اٿائون، تنهن کان مون کي بچائي وٺ.

10 شل تہ اهي بڇڙا ماڻهو پنهنجن ڦندن ۾ پاڻ ئي ڦاسن، جڏهن تہ آءٌ سلامتيءَ سان بچي نڪران.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan