زبور 14 - Muslim Sindhi Bibleبني آدم جي بڇڙائي ( زبور 53 ) (استاد موسيقار لاءِ، دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 اهي احمق هوندا جيڪي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”خدا تہ آهي ئي ڪونہ.“ اهڙا ماڻهو بڇڙا آهن ۽ ڪراهت جهڙا ڪم ڪن ٿا. انهن منجھہ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو نيڪي ڪري. 2 خداوند عرش عظيم تان هيٺ بني آدم تي نگاهہ ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ جو هو ڏسي تہ ڇا ڪو سمجھو ۽ سندس طالب آهي. 3 پر اهي سڀ گمراهہ ٿي ويا آهن، ۽ هڪجهڙا ڪنا ٿيا آهن. منجھن اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو نيڪي ڪري، هائو، هڪڙو بہ نہ. 4 خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڇا انهن سڀني بدڪارن کي ڪا سمجھہ ڪانهي؟ هو منهنجي ماڻهن کي ائين ٿا کايو وڃن جيئن ماني کائبي آهي. اُهي مون خداوند جو نالو ڪڏهن بہ نہ ٿا وٺن.“ 5 مگر اهي سڀ تڏهن خوف وچان ڏڪي ويندا، جڏهن هو خدا کي سچارن سان گڏ ڏسندا. 6 اهي غريبن جي رٿن کي بگاڙڻ ٿا چاهين، پر خداوند خود انهن مسڪينن جي پناهہگاهہ ٿو بڻجي. 7 شال بني اسرائيل جو بچاءُ صيئون منجھان ٿئي! جڏهن خداوند پنهنجي قوم کي وري خوشحال ڪندو، تڏهن بني يعقوب سرها ٿيندا، هائو، بني اسرائيل خوشيون ملهائيندا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society