زبور 139 - Muslim Sindhi Bibleعليم ۽ حاضر ناظر خدا (استاد موسيقار لاءِ، دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 اي خداوند! تون مون کي پرکين ٿو، ۽ چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو. 2 تون منهنجي اٿڻ ۽ ويهڻ کان واقف آهين، تون منهنجي خيالن کي پري کان ئي سمجھي وٺين ٿو. 3 تون منهنجي گھمڻ ۽ سمهڻ کي چڪاسين ٿو. بيشڪ تون منهنجي سڀني واٽن کي ڄاڻين ٿو. 4 ان کان اڳ جو ڪا ڳالهہ منهنجيءَ زبان تي اچي، ڏس، اي خداوند! تون انهيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي وٺين ٿو. 5 تون هر طرف کان منهنجو محافظ آهين، تون منهنجي مٿان پنهنجو هٿ رکين ٿو. 6 مون بابت تنهنجو ايڏو علم مون لاءِ نهايت عجيب آهي. هائو، اهو بلند وَ بالا آهي جنهن تائين آءٌ پهچي نہ ٿو سگھان. 7 آءٌ تو کان ڀڄي ڪيڏانهن وڃي سگھان ٿو؟ تنهنجي نظر کان بچي آءٌ ڪٿي لڪي سگھان ٿو؟ 8 جيڪڏهن آءٌ آسمان تي چڙهي ٿو وڃان، تہ اتي بہ تون موجود آهين. جيڪڏهن آءٌ پاتال منجھہ وڃي ٿو سمهان، تہ اتي بہ تون موجود آهين. 9 جيڪڏهن آءٌ پاڻ کي پر لڳائي اوڀر وڃان توڙي اولهہ، توڙي سمنڊ جي تمام اونهاين ۾ وڃي رهان، 10 تڏهن اتي بہ تنهنجو هٿ منهنجي رهبري ڪندو. هائو، تنهنجو زورآور هٿ مون کي سنڀالي وٺندو. 11 جيڪڏهن آءٌ هيئن چوان تہ ”اوندهہ ضرور مون کي لڪائيندي، ۽ سوجھري جي بجاءِ رات مون کي لڪائي وٺندي،“ 12 پر اوندهہ بہ مون کي تو کان لڪائي ڪين سگھندي. تو لاءِ رات بہ روشن ڏينهن جيان آهي. هائو، تو آڏو اوندهہ توڙي سوجھرو ٻيئي هڪجهڙا آهن. 13 منهنجو اندريون هر هڪ عضوو تو ئي جوڙيو آهي، منهنجيءَ امڙ جي پيٽ اندر تو ئي منهنجو انگ انگ جوڙيو آهي. 14 آءٌ تنهنجي واکاڻ ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ تہ تو مون کي عجيب طرح سان جوڙيو آهي. بيشڪ تنهنجا ڪم بيحد عجيب آهن، ۽ انهيءَ ڳالهہ تي مون کي پورو يقين آهي. 15 جڏهن ڳجھہ ۾ آءٌ پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ پئي جڙيس، تڏهن اتي بہ منهنجو پتلو تو کان لڪل ڪونہ هو. 16 جڏهن منهنجي عضون مان اڃا ڪو عضوو تيار ئي نہ ٿيو هو، تڏهن بہ منهنجو ڪچو مادو تنهنجي اکين آڏو هو. بلڪ منهنجي جڙڻ کان اڳ ئي تو وٽ منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن مقرر ٿيل هئا. 17 اي خدا! تنهنجيون رٿون منهنجي سوچ کان بلڪل مٿاهيون آهن! ۽ انهن رٿن جو شمار ڪيڏو نہ گھڻو آهي! 18 جيڪڏهن آءٌ انهن کي ڳڻيان تہ اهي واريءَ جي ذرڙن کان بہ گھڻيون آهن. مون لاءِ اهو ئي ڪافي آهي جو جڏهن جاڳان ٿو تہ پاڻ کي تو سان لهان ٿو. 19 ڪاش، اي خدا! تون بدڪار ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏين، تانتہ اهي خوني ماڻهو مون آڏو نہ رهن. 20 انهيءَ سبب جو اهي بدخواهيءَ وچان تنهنجي خلاف ڳالهيون ڪن ٿا، تنهنجا دشمن تنهنجو نالو غلط استعمال ڪن ٿا. 21 اي خداوند! جيڪي تو سان عداوت ٿا رکن، ڇا آءٌ تن سان عداوت نہ ٿو رکان؟ جيڪي تنهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿين ٿا، ڇا تن کان آءٌ نفرت نہ ٿو ڪريان؟ 22 بيشڪ مون کي انهن کان پوريءَ طرح نفرت آهي، ۽ آءٌ انهن کي پنهنجو دشمن ڪري ليکيان ٿو. 23 اي خدا! تون مون کي پرکي منهنجيءَ دل کي ڄاڻي وٺ. هائو، تون مون کي آزمائي منهنجو هر خيال پروڙي وٺ. 24 ڏس، اي خداوند! مون کي ڪنهن خراب راهہ تي هلڻ نہ ڏي، بلڪ مون کي انهيءَ راهہ تي وٺي هل جيڪا ابدي راهہ آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society