Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 136 - Muslim Sindhi Bible


شڪرگذاريءَ جو گيت

1 اوهين خداوند جو شڪرانو ادا ڪريو، ڇوجو اهو ڀلو آهي، ۽ انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

2 اوهين معبودن جي معبود جو شڪرانو ادا ڪريو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

3 اوهين مالڪن جي مالڪ جو شڪرانو ادا ڪريو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

4 انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جيڪو اڪيلو ئي وڏا عجيب وَ غريب ڪم ڪري ٿو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

5 انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن ڏاهپ سان آسمانن کي جوڙيو آهي، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

6 انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن بحرن تي ڌرتيءَ کي پکيڙيو آهي، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

7 انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن وڏا وڏا روشني ڏيندڙ سيارا جوڙيا آهن، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

8 بيشڪ ڏينهن تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ هن سج کي جوڙيو آهي، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

9 رات مٿان راڄ ڪرڻ لاءِ هن چنڊ تارن کي جوڙيو آهي، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

10 انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن مصر جي پهريتن کي ماري ڇڏيو هو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

11 انهن ئي مصرين جي وچ مان هو بني اسرائيل کي ٻاهر ڪڍي آيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

12 هائو، پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان هو کين مصر مان ڪڍي آيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

13 انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن ڳاڙهي سمنڊ کي چيري ٻہ اڌ ڪيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

14 هن بني اسرائيل کي انهيءَ جي وچان پار ٽپايو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

15 هن فرعون کي لشڪر سوڌو ڳاڙهي سمنڊ ۾ غرق ڪري ڇڏيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

16 انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جيڪو رڻ‌پٽ ۾ پنهنجي قوم جو رهبر بڻيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

17 انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن وڏن وڏن بادشاهن کي ماري ڇڏيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

18 انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن انهن طاقتور بادشاهن کي قتل ڪري ڇڏيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

19 بيشڪ هن سيحون کي قتل ڪيو، جيڪو امورين جو بادشاهہ هو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

20 هن عوج کي پڻ قتل ڪيو، جيڪو بسن ملڪ جو بادشاهہ هو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

21 انهن جا ملڪ هن پنهنجي قوم کي ميراث ڪري ڏنا، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

22 هائو، اهي ملڪ هن پنهنجي بندن، يعني بني اسرائيل کي ميراث ڪري ڏنا، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

23 انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن ڏکن ۾ اسان جي سار لڌي، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

24 انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن اسان کي دشمنن کان ڇڏايو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

25 انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جيڪو هر ساهواري کي روزي رسائي ٿو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

26 اوهين عرش عظيم واري خدا جو شڪرانو ادا ڪريو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan