زبور 135 - Muslim Sindhi Bibleواکاڻ جو گيت 1 خداوند جي واکاڻ ڪريو. اي خداوند جا بندؤ! اوهين خداوند جي واکاڻ ڪريو، 2 هائو، اوهين جيڪي خداوند جي گھر جي اندر، اسان جي خدا جي بارگاهہ منجھہ حاضر رهو ٿا. 3 خداوند جي واکاڻ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ڀلو آهي. سندس نالي جي ساراهہ ڳايو، ڇاڪاڻ تہ هو ٻاجھارو آهي. 4 بيشڪ خداوند بني يعقوب کي پنهنجي واسطي، هائو، بني اسرائيل کي پنهنجي خاص ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊي ورتو آهي. 5 منهنجو اهو ايمان آهي تہ خداوند عظيم آهي، هائو، اسان جو رب سڀني معبودن کان بلند وَ بالا آهي. 6 آسمان ۾ توڙي زمين تي، بلڪ سمنڊ جي اونهاين ۾ تري تائين، خداوند کي جيڪي وڻي ٿو سو ئي هو ڪري ٿو. 7 ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو. 8 مصر ۾ انسانن توڙي جانورن جا جيڪي بہ پهريتا هئا، تن سڀني کي هن ئي ماري ڇڏيو. 9 اي مصر! تو منجھہ فرعون ۽ ان جي سڀني عملدارن تي هن ڪيڏا نہ وڏا معجزا ۽ عجيب ڪم ظاهر ڪيا. 10 هن گھڻين ئي قومن کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيو، ۽ زورآور بادشاهن کي بہ قتل ڪري ڇڏيائين. 11 هائو، امورين جي بادشاهہ سيحون کي، بسن جي بادشاهہ عوج کي، ۽ ڪنعان جي سڀني بادشاهن کي هن قتل ڪري ڇڏيو. 12 هن انهن جا ملڪ بني اسرائيل کي عطا ڪيا. هائو، هن پنهنجي انهيءَ قوم کي اهي ميراث ڪري ڏنا. 13 خداوند جو نالو هميشہ ياد ڪيو ويندو. سندس ذڪر سڀني پيڙهين تائين ٿيندو رهندو. 14 انهيءَ سبب جو خداوند پنهنجي قوم جي پاسخاطري ڪري ٿو، هائو، هو پنهنجي انهن ٻانهن تي مهربان آهي. 15 جڏهن تہ ڌارين قومن جا معبود سون ۽ چانديءَ جا ٺهيل بت آهن، جيڪي ماڻهن پنهنجي هٿن سان جوڙيا آهن. 16 انهن کي وات تہ آهي پر اهي ڳالهائي نہ ٿا سگھن، انهن کي اکيون بہ آهن پر اهي ڏسي نہ ٿا سگھن، 17 انهن کي ڪن بہ آهن پر اهي ٻڌي نہ ٿا سگھن. توڙي جو کين وات آهي، تڏهن بہ اهي ساهہ کڻي نہ ٿا سگھن. 18 هاڻ جيڪي انهن کي جوڙين ٿا يا مٿن ڀروسو ٿا رکن، سي سڀيئي بہ انهن جهڙا ئي ٿي پوندا. 19 اي بني اسرائيل! اوهين خداوند کي سڳورو چئو، اي خداوند جا ڪاهنؤ! اوهين خداوند کي سڳورو چئو. 20 اي لاوي، هيڪل جا خدمتگارؤ! اوهين خداوند کي سڳورو چئو، اي خداوند جي عبادت ڪرڻ وارؤ! اوهين خداوند کي سڳورو چئو. 21 شال صيئون جبل تي خداوند سڳورو هجي! هائو، اهو جيڪو يروشلم ۾ رهي ٿو سو شل سڳورو هجي! خداوند جي واکاڻ ڪريو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society