زبور 132 - Muslim Sindhi Bibleخدا ۽ دائود جي وچ ۾ معاهدو (هيڪل جي زيارت جو گيت) 1 اي خداوند! تون دائود کي نہ وسار، هن جيڪي ڏک ڏٺا آهن تن کي تون ياد ڪر. 2 اي خداوند! هن ڪيئن نہ تو سان قسم کنيو هو، هائو، تو يعني يعقوب جي قادر آڏو هي باسون باسيون هئائين تہ 3 ”آءٌ پنهنجي پلنگ تي ڪين سمهندس، بلڪ پنهنجي گھر ۾ داخل ئي نہ ٿيندس، 4 آءٌ پنهنجي اکين ۾ ننڊ کي اچڻ نہ ڏيندس، بلڪ پنهنجي ڇپرن تي آءٌ پنڪي بہ اچڻ ڪين ڏيندس، 5 جيستائين تو خداوند لاءِ ڪا جاءِ حاصل نہ ڪريان، هائو، جيستائين تو يعني يعقوب جي قادر لاءِ گھر نہ اڏيان.“ 6 دائود چيو هو تہ ”جڏهن اسين بيتلحم ۾ هئاسين، تڏهن اسان کي خبر پيئي تہ عهد واري صندوق قريتيعريم ۾ آهي. سو اسان اها اتان وڃي کنئي. 7 تڏهن اسان اتي چيو تہ ’اچو تہ خداوند جي گھر هلون، ۽ سندس پيرن جي صندليءَ آڏو هلي سجدو ڪريون.‘“ 8 سو هاڻ اُٿ، اي خداوند! پنهنجي نئين آرامگاهہ ۾ هل، پنهنجي قدرت واري صندوق سان انهيءَ هيڪل ۾ داخل ٿيءُ. 9 شال ڪاهن سچائيءَ سان پنهنجا فرض ادا ڪن، ۽ تنهنجي چونڊيل قوم خوشيءَ وچان نعرا هڻي! 10 اي خداوند! پنهنجي بندي دائود جي خاطر، تون پنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کان منهن نہ موڙ. 11 انهيءَ سبب جو تو سچائيءَ سان دائود سان قسم کنيو هو، جنهن کان تون ڪڏهن نہ ڦرندين تہ ”تو کان پوءِ تنهنجي اولاد مان ئي هڪ کي تخت عطا ڪندس. 12 پوءِ جيڪڏهن تنهنجو اولاد منهنجي عهد کي قائم رکندو، ۽ جيڪا شريعت آءٌ کين سيکاريندس تنهن تي عمل ڪندا رهندا، تہ پيڙهي بہ پيڙهي اهي تنهنجي تخت تي ويهندا رهندا.“ 13 بيشڪ خداوند صيئون کي چونڊي ڪڍيو آهي. هن انهيءَ کي پنهنجي رهڻ جي خاطر پسند ڪيو آهي، 14 ڇاڪاڻ تہ چيائين تہ ”هيءَ ئي هميشہ لاءِ منهنجي آرامگاهہ آهي. آءٌ هتي رهي حڪمراني ڪندس، ڇوجو انهيءَ کي پسند ڪيو اٿم. 15 انهيءَ شهر يروشلم جي رزق ۾ آءٌ جھجھي برڪت وجھندس، آءٌ ان جي غريبن کي بہ ڍءَ تي ماني کارائيندس. 16 انهيءَ برڪت سان ان شهر جا ڪاهن بہ ڍاول رهندا، ۽ ان شهر ۾ رهندڙ چونڊيل قوم وارا خوشيءَ وچان نعرا هڻندا. 17 اتي آءٌ دائود جي اولاد مان هڪ زورآور بادشاهہ کڙو ڪندس، ۽ پنهنجي انهيءَ مسح ڪري مخصوص ڪيل جو ڏيئو سدائين ٻريل رکندس. 18 ان بادشاهہ جي ويرين کي آءٌ شڪست ڏياري خوار خراب ڪندس، پر بادشاهہ کي شان وارو تاج پارائيندس.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society