Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 130 - Muslim Sindhi Bible


مغفرت لاءِ دعا
(هيڪل جي زيارت جو گيت)

1 اي خداوند! آءٌ مايوسيءَ جي اونهاين مان تو کي پڪاريان ٿو.

2 اي ڌڻي! تون منهنجو آواز ٻڌ، اي منهنجا رب! منهنجي منٿ واري آواز تي پنهنجو ڪن ڏي.

3 جيڪڏهن تون خطائن جو حساب ڪندين، تہ پوءِ اي خداوند! ڪير آهي جيڪو تنهنجي آڏو بيهي سگھندو؟

4 پر تو وٽ گناهن جي مغفرت آهي، تان‌تہ ماڻهو تنهنجي تعظيم ڪن.

5 منهنجي توڪل خداوند تي آهي، انهيءَ جي واعدي تي مون کي پورو ڀروسو آهي.

6 جيئن چوڪيدار صبح ٿيڻ جو انتظار ٿا ڪن، هائو، جيئن پهري وارا پرهہ ڦٽڻ لاءِ واجھائين ٿا، تيئن آءٌ انهن کان بہ وڌيڪ ڌڻيءَ لاءِ اوسيئڙو ٿو ڪريان.

7 اي بني اسرائيل وارؤ! پنهنجو ڀروسو خداوند تي رکو، ڇوجو هن وٽ دائمي ٻاجھہ ۽ جھجھو ڇوٽڪارو آهي.

8 بيشڪ هو ئي اسان بني اسرائيل کي، اسان جي سڀني گناهن کان ڇوٽڪارو ڏيندو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan