زبور 13 - Muslim Sindhi Bibleڏکويل جي دعا (استاد موسيقار لاءِ، دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 ڪيستائين، اي خداوند! ڇا تون مون کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندين؟ ڪيستائين تون مون کان پنهنجو منهن موڙيو رکندين؟ 2 ڪيستائين آءٌ پنهنجيءَ دل ۾ غم کائيندو وتندس؟ ڪيستائين آءٌ رات ڏينهن روح ۾ رنجيدو رهندس؟ آخر ڪيستائين منهنجو دشمن مون تي سوڀارو رهندو؟ 3 اي خداوند، منهنجا خدا! تون ڌيان ڏي ۽ منهنجو هي عرض ٻڌ، مون کي تندرستي عطا ڪر، متان موت جي ننڊ نہ اچي وڃي. 4 ائين نہ ٿئي جو منهنجا دشمن منهنجي لوڏي کائڻ تي خوش ٿي چون تہ ”اسين هن تي غالب پيا آهيون.“ 5 مون تہ تنهنجي لافاني شفقت تي توڪل ڪئي آهي. جيڪڏهن تون مون کي ڇڏائي وٺندين تہ منهنجي دل خوش ٿيندي. 6 آءٌ پنهنجي خداوند جي واکاڻ پيو ڳائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان گھڻي ڀلائي ڪئي آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society