زبور 129 - Muslim Sindhi Bibleدشمنن جي شڪست لاءِ دعا (هيڪل جي زيارت جو گيت) 1 هاڻ اي بني اسرائيل قوم! شروع کان ئي دشمنن تو کي جيئن ستايو سو ڀلي تون بيان ڪر تہ 2 ”دشمنن مون کي ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍو ستايو، پر تڏهن بہ اهي مون تي ڪڏهن غالب ڪين پيا. 3 ڄڻ تہ هر ڪاهڻ وارن منهنجي پٺيءَ تي پنهنجا هر ڪاهيا هئا، هائو، هر هلائي ڊگھيون ڊگھيون اوڙون ڪڍيون هئائون. 4 پر خداوند جيڪو بلڪل سچو آهي، تنهن بدڪارن جا زنجير ٽوڙي مون کي ڇڏائي ورتو.“ 5 صيئون سان جيڪي عداوت رکن ٿا، شال اهي سڀ شڪست کائي خوار خراب ٿين! 6 شال هو انهيءَ گاهہ جيان ٿين جيڪو ڪوٺن تي ٿو اڀري! هائو، اهو ئي گاهہ جيڪو وڌڻ کان اڳ سڪي ٿو وڃي. 7 جنهن مان نڪي لاباري ڪندڙ جي مٺ ئي ڀرجي سگھي ٿي، ۽ نہ وري گڏا ٻڌندڙ پنهنجو پَلوءُ ڀري سگھي ٿو. 8 سو ڪو واٽهڙو بہ انهيءَ لڻندڙ کي نہ چوندو تہ ”خداوند جي تو تي برڪت هجي،“ يا وري هيئن تہ ”آءٌ تو کي خداوند جي نالي سان دعا ڏيان ٿو.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society