زبور 127 - Muslim Sindhi Bibleخداوند جي ڀلائيءَ جي واکاڻ (هيڪل جي زيارت جو گيت، سليمان جو زبور) 1 جيڪڏهن خداوند ئي گھر اَڏائڻ نہ چاهي، تہ پوءِ اُهي جيڪي گھر جوڙين ٿا تن جي محنت اجائي آهي. جيڪڏهن خداوند شهر جي سنڀال نہ ڪري، تہ پوءِ چوڪيدار جو جاڳڻ بہ بلڪل اجايو آهي. 2 سو اوهين جيڪي سخت پورهيو ڪري رزق حاصل ڪرڻ لاءِ، صبح جو سوير اُٿو ٿا ۽ رات جو دير سان ٿا سُمهو، اهو اوهان لاءِ بيفائدي آهي، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي پيارن کي ننڊ ۾ بہ عطا ڪري ٿو. 3 ٻار خداوند جو عطيو آهن، هائو، اهي والدين لاءِ خداوند جي طرفان هڪ نعمت آهن. 4 هاڻ وري شهزوريءَ جي عمر ۾ ڄاول پٽ بهادر ماڻهوءَ جي تيرن مثل آهن. 5 سڀاڳو آهي اُهو ماڻهو، جنهن جو ترڪش اهڙن تيرن سان ڀريل آهي، ڇاڪاڻ تہ شهر جي در وٽ فيصلي وقت جڏهن سندس مخالف ساڻس بحث مباحثو ڪندا، تڏهن هو اولاد جي گھڻائيءَ ڪري سوڀارو ٿيندو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society