زبور 126 - Muslim Sindhi Bibleبحاليءَ لاءِ دعا (هيڪل جي زيارت جو گيت) 1 جڏهن خداوند صيئون جي خوشحاليءَ کي وري بحال ڪيو، تڏهن اسين اهڙا خوشحال ٿياسين ڄڻ تہ اهو ڪو خواب هو. 2 انهيءَ مهل اسين خوشيءَ وچان ٽهڪ ڏيڻ ۽ گيت ڳائي خوشيون ملهائڻ لڳاسين. تڏهن غير قومن ۾ هل مچي ويو تہ ”خداوند هنن لاءِ ڪيڏا نہ عظيم ڪم ڪيا آهن.“ 3 بيشڪ خداوند اسان جي لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن، سو اسان کي بيحد خوشي ٿي آهي! 4 اي خداوند! جهڙيءَ طرح سڪل برساتي نهرون پاڻيءَ سان ڀرجي وهن ٿيون، تهڙيءَ طرح تون اسان کي وري سکيو ستابو ڪر. 5 شال اهي جيڪي ڳوڙها ڳاڙيندي پنهنجي پوک پوکين ٿا، سي خوشيءَ وچان گيت ڳائيندي پنهنجا فصل لڻن! 6 هائو، جيڪي روئندي روئندي پوکڻ لاءِ ٻج کنيو ٿا وڃن، سي پوءِ ضرور خوشيءَ جا گيت ڳائيندي گڏا کڻي موٽي ايندا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society