زبور 125 - Muslim Sindhi Bibleخداوند، پنهنجي قوم جي پناهہ (هيڪل جي زيارت جو گيت) 1 جن جو خداوند تي ڀروسو آهي سي صيئون جبل جيان آهن، جنهن کي ڪو لوڏو نہ ٿو اچي ۽ جيڪو هميشہ لاءِ قائم آهي. 2 جيئن يروشلم کي چوڌاري جبل وڪوڙيل آهن، تيئن ئي هاڻي بلڪ هميشہ هميشہ لاءِ، خداوند چئني طرفن کان پنهنجي قوم جو محافظ آهي. 3 بدڪارن جي حڪومت سچارن جي ميراث واري ملڪ تي ڪڏهن بہ قائم رهي نہ سگھندي، انهيءَ لاءِ تہ متان سچار پنهنجا هٿ بڇڙائيءَ ڏانهن وڌائين. 4 اي خداوند! جيڪي نيڪ ۽ سچيءَ دل وارا آهن، تن سان تون ڀلائي ڪر. 5 پر جيڪي پنهنجين ڏنگين واٽن ڏانهن ڦري وڃن ٿا، تن کي تون بدڪارن سان گڏ سزا ڏي! شال بني اسرائيل ۾ سلامتي ۽ خوشحالي هجي! |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society