زبور 124 - Muslim Sindhi Bibleخداوند، پنهنجي قوم جو مددگار (هيڪل جي زيارت جو گيت، دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 بني اسرائيل وارا هيئن چون تہ ”جيڪڏهن اسان جو خداوند اسان جي پاسي نہ هجي ها، 2 هائو، جڏهن ماڻهو اسان جي خلاف اُٿي کڙا ٿيا هئا، تڏهن جي اسان جو خداوند اسان جي پاسي نہ هجي ها، 3 تہ جنهن وقت اهي اسان تي سخت ڪاوڙيا هئا، تنهن وقت اسان کي جيئرو ئي ڳڙڪائي وڃن ها. 4 انهيءَ مهل ڄڻ ٻوڏ اسان کي ٻوڙي ڇڏي ها، ۽ اسان جي مٿان وهڪرا وهي وڃن ها، 5 اسان کي ڄڻ گجندڙ پاڻي لوڙهي وڃي ها، ۽ اسين انهيءَ ۾ ٻڏي وڃون ها.“ 6 شال خداوند سڳورو هجي! جنهن اسان کي مخالفن جو شڪار ٿيڻ نہ ڏنو. 7 اسان جي جان ائين ڇٽي آهي، جيئن پکي ماريءَ جي ڦندي مان ڇٽي، ڦندو ٽٽي ويو ۽ اسين ڇٽي نڪتاسين. 8 بيشڪ خداوند ئي اسان جو مددگار آهي، جنهن زمين ۽ آسمان کي جوڙيو آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society