زبور 122 - Muslim Sindhi Bibleيروشلم جي واکاڻ ۾ (هيڪل جي زيارت جو گيت، دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 ان وقت آءٌ خوش ٿيو هئس جڏهن مون کي چيو ويو هو تہ ”اچ تہ اسين خداوند جي گھر هلون.“ 2 اي يروشلم! اسان جا قدم تنهنجي دروازن اندر اچي پهتا آهن. 3 اي يروشلم! تون اهڙو اڏيل آهين، جيئن ڪو ڪوٽن وارو پختو شهر اڏيل هجي. 4 قبيلا، يعني خداوند جا قبيلا اوڏانهن ئي وڃن ٿا. هائو، بني اسرائيل جا سڀيئي قبيلا خدا جي حڪم موجب اتي وڃي خداوند جي نالي جو شڪر ادا ڪن ٿا. 5 اُتي عدالت وارو شاهي تخت قائم آهي، يعني دائود جي شاهي گھراڻي جو تخت. 6 يروشلم جي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ هيءَ دعا گھرو تہ ”اي يروشلم! جيڪي تو سان پيار ٿا ڪن سي شل خوشحال هجن. 7 شال تنهنجي ڪوٽن اندر هميشہ امن وَ سلامتي هجي، ۽ تنهنجي محلاتن منجھہ هميشہ خوشحالي هجي.“ 8 آءٌ پنهنجي همقوم عزيزن ۽ ساٿين جي خاطر، يروشلم کي هيئن دعا ٿو ڏيان تہ ”شال تو ۾ سلامتي ۽ خوشحالي هجي!“ 9 اي يروشلم! آءٌ تو لاءِ ائين خير پيو گھرندو رهندس، ڇاڪاڻ تہ خداوند اسان جي خدا جو گھر تو منجھہ آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society