Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 121 - Muslim Sindhi Bible


خداوند اسان جو محافظ
(هيڪل جي زيارت جو گيت)

1 آءٌ پنهنجيون اکيون کڻي جبلن ڏانهن نهاريان ٿو، هائو، آءٌ واجھايان ٿو تہ منهنجي مدد الائي ڪٿان ايندي؟

2 بيشڪ منهنجي مدد خداوند کان ايندي، جنهن زمين ۽ آسمان کي جوڙيو آهي.

3 ڪاهن هيئن ٿو چوي تہ ”خداوند تنهنجو اهڙو محافظ آهي، جنهن کي ننڊ جو جھوٽو بہ ناهي ايندو. اهو تنهنجي پيرن کي ترڪڻ نہ ڏيندو.

4 هائو، اسان بني اسرائيل جي محافظ کي ننڊ تہ ڇڏيو پر ننڊ جو جھوٽو بہ ناهي ايندو.

5 بيشڪ خداوند تنهنجي حفاظت ڪندو. هو تو مٿان پوريءَ طرح پنهنجي ڇانوَ ڪندو.

6 نہ ڏينهن جي وقت سج ۽ نہ وري رات جي وقت چنڊ تو کي ڪو ايذاءُ رسائيندا.

7 خداوند تو کي هر بلا کان محفوظ رکندو، هائو، هو تنهنجيءَ جان جي حفاظت ڪندو.

8 خداوند هر ڪم ۾ ۽ هر هنڌ تنهنجي حفاظت ڪندو. هائو، هو هينئر کان هميشہ هميشہ تائين تنهنجي حفاظت ڪندو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan