زبور 120 - Muslim Sindhi Bibleصلح لاءِ دعا (هيڪل جي زيارت جو گيت) 1 مون مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو. هن منهنجي اها دانهن ٻڌي ورتي تہ 2 ”اي خداوند! مون کي ڪوڙ ڳالهائيندڙن کان بچاءِ، هائو، انهن ٺڳي ڪندڙن کان مون کي ڇڏاءِ.“ 3 اي دغابازؤ! ٻڌو، ٺڳيءَ جي بدلي توهان کي ڇا ملندو، ۽ توهان سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويندو؟ 4 توهان کي بهادر ماڻهو تکا تير هڻندا، جيڪي توهان کي ٻٻر جي ڀڙڪندڙ ٽانڊن جيان اچي لڳندا. 5 افسوس! آءٌ انهن دغابازن منجھہ اهڙي بدتر زندگي پيو گذاريان، جيئن ڪو مسڪ ۽ قيدار وارن ۾ بدتر پيو گذاري. 6 هائو، اهي جيڪي صلح جا دشمن آهن، تن سان رهندي مون کي گھڻي مدت گذري ويئي آهي. 7 آءٌ تہ صلح جو ڏاڍو ڪوڏيو آهيان، پر جڏهن صلح جي ڳالهہ ٿو ڪريان تڏهن هو جنگ جي لاءِ تيار ٿيو وڃن. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society