زبور 12 - Muslim Sindhi Bibleمدد لاءِ دعا (استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي هيٺاهين آواز تي ڳايو وڃي. دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 اي خداوند! اسان جي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ ڪو نيڪ ماڻهو نہ رهيو آهي. هائو، بني آدم مان ايماندار بلڪل گم ٿي ويا آهن. 2 هر ڪو ٻئي سان ڪوڙيون ڳالهيون پيو ڪري. اهي منهن جا مٺڙا ٿي پر دل ۾ دغا رکي ڳالهائين ٿا. 3 اي خداوند! جيڪي بہ چاپلوس آهن تن جا چپ وڍي ڇڏ. جيڪي وڏي لٻاڙ هڻن ٿا تن جي زبان وڍي ڇڏ. 4 اهي پاڻ ۾ چون ٿا تہ ”اسين پنهنجيءَ زبان سان غالب پونداسين، ۽ جيڪي وڻندو سو چونداسين، ڪير آهي جيڪو اسان کي روڪي سگھي؟“ 5 پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”غريبن جي لٽجڻ ۽ محتاجن جي دانهن سبب هاڻ آءٌ اٿندس. ۽ انهن سلامتيءَ جي اڪير رکندڙن کي آءٌ سلامت رکندس.“ 6 خداوند جا جيڪي بہ قول آهن سي سڀ خالص آهن. اهي باهہ ۾ تپايل انهيءَ چانديءَ جيان آهن، جيڪا ست ڀيرا صاف ڪيل هجي. 7-8 اي خداوند! بڇڙا ماڻهو هر طرف گھمن ڦرن ٿا، ۽ بني آدم ۾ ڪميڻائيءَ جو قدر گھڻو وڌي ويو آهي. سو تون اسان جي سار سنڀار لهج، ۽ اهڙن ماڻهن کان هميشہ اسان جي حفاظت ڪندو رهج. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society