Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 119 - Muslim Sindhi Bible


شريعتِ الاهي

1 بيشڪ اهي سڀاڳا آهن، جيڪي پوريءَ طرح سچ جي راهہ تي هلن ٿا، هائو، اهي ئي جيڪي خداوند جي شريعت تي عمل ٿا ڪن.

2 بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جيڪي سندس حڪمن تي ٿا هلن، ۽ دل وَ جان سان سندس طالبو آهن.

3 بيشڪ اهي ڪا ئي بڇڙائي ڪين ٿا ڪن، بلڪ خداوند جي واٽن تي هلندا ٿا رهن.

4 اي خداوند! تو اسان کي پنهنجا قاعدا قانون انهيءَ لاءِ ڏنا آهن، تہ جيئن اسين انهن تي دل وَ جان سان عمل ڪريون.

5 شال منهنجي چال چلت اهڙي ثابت قدم هجي، جو آءٌ تنهنجي سڀني قاعدن قانونن تي عمل ڪريان!

6 پوءِ جڏهن آءٌ تنهنجي حڪمن تي ڌيان سان عمل ڪندس، تڏهن آءٌ ڪڏهن بہ شرمندو ڪين ٿيندس.

7 جيئن جيئن آءٌ تنهنجا صداقت وارا قاعدا سکندو ٿو وڃان، تيئن تيئن دل جي سچائيءَ سان تنهنجو شڪر ادا ٿو ڪريان.

8 آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪندو رهندس، سو تون مون کي هرگز ڇڏي نہ ڏجانءِ.


شريعتِ الاهيءَ تي هلڻ

9 جوان ماڻهو ڪيئن پنهنجي چال کي پاڪيزہ رکي ٿو سگھي؟ انهيءَ جي لاءِ هن کي تنهنجي فرمان تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.

10 سو مون دل وَ جان سان تنهنجي طلب ڪئي آهي. اي خداوند! تون مون کي پنهنجي حڪمن کان ڀٽڪڻ نہ ڏجانءِ.

11 مون تنهنجي فرمان کي پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکيو آهي، تہ جيئن تنهنجي خلاف ڪو گناهہ نہ ڪريان.

12 اي خداوند! تون سڳورو آهين، تون پنهنجا قاعدا قانون مون کي سيکار.

13 تنهنجا ٻڌايل اهي قاعدا آءٌ پنهنجي زبان سان ٻين آڏو بيان ڪندس.

14 تنهنجي حڪمن تي هلندي مون کي ايڏي خوشي ملي ٿي، جيڏي گھڻي دولت جي ڪري ٿئي ٿي.

15 آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن تي غور ڪندو رهندس، ۽ تنهنجي واٽن تي ڌيان سان پيو هلندس.

16 آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن کان خوش پيو رهندس. ۽ تنهنجي فرمان کي آءٌ ڪڏهن بہ نہ وساريندس.


شريعتِ الاهيءَ ۾ خوشي

17 تون پنهنجي هن بندي تي پنهنجو جھجھو احسان ڪر، تان‌تہ آءٌ جيئرو رهان ۽ تنهنجي فرمان تي عمل پيو ڪريان.

18 اي خداوند! منهنجيون اکيون کول، تان‌تہ آءٌ تنهنجي شريعت جا عجب اسرار ڏسي سگھان.

19 بيشڪ آءٌ هن ڌرتيءَ تي ٿوري دير لاءِ مسافر آهيان، اي خداوند! تون مون کان پنهنجا حڪم لڪائي نہ رکجانءِ.

20 منهنجي دل تنهنجي قاعدن لاءِ هميشہ آسائتي رهي ٿي، هائو، تنهنجي قاعدن قانونن کي ڄاڻڻ جي ڏاڍي اڪير اٿم.

21 تون مغرورن تي فتويٰ جاري ڪرين ٿو. هائو، اهي لعنتي آهن، جيڪي تنهنجي حڪمن جي نافرماني ڪندا ٿا وتن.

22 تون انهن کي مون تي ملامت ڪرڻ ۽ ڌڪارڻ نہ ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪريان ٿو.

23 توڙي جو سردار بہ منهنجي خلاف سازشون ويٺا ڪن، تڏهن بہ تنهنجي هن بندي جو ڌيان تنهنجي قانونن تي رهندو.

24 تنهنجا قاعدا قانون منهنجي خوشين جو سبب آهن، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهن جي ئي صلاح تي ٿو هلان.


شريعتِ الاهيءَ تي عمل جو پختو ارادو

25 اي خداوند! منهنجي حياتي کُٽڻ تي آهي، تون پنهنجي واعدي موجب مون کي نئين حياتي عطا ڪر.

26 مون پنهنجا حالات تو کي ٻڌايا ۽ تو منهنجي رهنمائي ڪئي، اي خداوند! تون اڃا بہ مون کي پنهنجو هر قاعدو قانون سيکار.

27 تون مون کي پنهنجي قاعدن قانونن جي حقيقت سمجھاءِ، آءٌ تنهنجي انهن عجب اسرارن تي غور پيو ڪندو رهندس.

28 غم جي ڪري منهنجي جان ڳرندي وڃي ٿي، تون پنهنجي واعدي موجب مون کي طاقت عطا ڪر.

29 تون مون کي ڪوڙ واري هر راهہ کان پري رک، ۽ پنهنجي ٻاجھہ سان مون کي پنهنجي شريعت تي هلڻ سيکار.

30 مون وفاداريءَ واري واٽ چونڊي ورتي آهي، هائو، مون تنهنجي قاعدن قانونن کي پنهنجي سامهون رکيو آهي.

31 مون تنهنجي احڪامن کي چنبڙي ورتو آهي، سو اي خداوند! مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ.

32 جيئن جيئن تون پنهنجي حڪمن جي سمجھہ وڌائيندين، تيئن تيئن آءٌ تنهنجي راهہ تي تيزيءَ سان ڊوڙندس.


شريعتِ الاهيءَ کي سمجھڻ لاءِ دعا

33 اي خداوند! مون کي پنهنجي قانونن جي راهہ ٻڌاءِ، آءٌ پوريءَ طرح انهيءَ تي هلندو رهندس.

34 هائو، مون کي سمجھہ عطا ڪر تہ تنهنجي شريعت تي عمل ڪريان، ۽ پنهنجي دل وَ جان سان انهيءَ تي هلندو رهان.

35 تون پنهنجي حڪمن جي وسيلي منهنجي رهنمائي ڪر، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ ئي منهنجي خوشي آهي.

36 اي خداوند! منهنجيءَ دل کي دنياداريءَ کان بچائي، پنهنجي حڪمن ڏانهن مائل ڪر.

37 مون کي باطل شين ڏانهن مائل ٿيڻ کان باز رک، بلڪ پنهنجيءَ واٽ تي هلاءِ تہ جيئن حياتي عطا ٿئيم.

38 تون پنهنجي هن بندي سان پنهنجو اهو قول پورو ڪر، جيڪو تو پنهنجي فرمانبردارن سان ڪيو آهي.

39 تون مون کي ماڻهن جي انهيءَ خوفناڪ ملامت کان بچاءِ، جيڪا تنهنجي چڱن قاعدن قانونن تي هلڻ ڪري ڪئي وڃي ٿي.

40 ڏس، آءٌ تنهنجي قانونن جو ڪيڏو نہ سڪايل رهيو آهيان، هاڻ تون پنهنجي سچائيءَ موجب مون کي نئون جياپو عطا ڪر.


شريعتِ الاهيءَ تي ڀروسو ڪرڻ

41 اي خداوند! پنهنجيون رحمتون نازل ڪر، ۽ پنهنجي واعدي موجب مون کي بچائي وٺ.

42 پوءِ آءٌ ٺٺوليون ڪرڻ وارن کي ورندي ڏيئي سگھندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي واعدي تي ڀروسو ڪريان ٿو.

43 تنهنجي قاعدن قانونن تي ئي منهنجي اميد آهي، سو حق جي انهن ڳالهين کي منهنجي واتان جدا ٿيڻ نہ ڏجانءِ.

44 آءٌ هميشہ ۽ هر وقت تنهنجي شريعت تي عمل ڪندو رهندس.

45 هاڻ منهنجي زندگيءَ ۾ ڪا رڪاوٽ ڪين رهندي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي قاعدن جو هميشہ طالبو آهيان.

46 آءٌ بادشاهن جي آڏو بہ تنهنجي حڪمن جو بيان ڪندي، هرگز شرمندگي محسوس نہ ڪندس.

47 مون کي تنهنجا حڪم پيارا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان مون کي خوشي حاصل ٿئي ٿي.

48 آءٌ تنهنجي حڪمن جو نہ رڳو احترام ٿو ڪريان، بلڪ انهن سان منهنجو عشق آهي. سو آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن کي هميشہ پنهنجي آڏو رکندس.


شريعتِ الاهيءَ تي يقين

49 اي خداوند! جيڪو واعدو تو پنهنجي هن بندي سان ڪيو آهي، ۽ جنهن جي تو مون کي اميد ڏياري آهي تنهن کي ياد ڪر.

50 تنهنجو واعدو ئي تہ مون کي زندگي ٿو بخشي، سو منهنجي مصيبت جي ڏينهن ۾ مون کي تسلي رهي ٿي.

51 مغرور ماڻهو مون تي ڏاڍيون ٺٺوليون ٿا ڪن، تڏهن بہ آءٌ تنهنجي شريعت کي هرگز ڪين ٿو ڇڏيان.

52 اي خداوند! تنهنجي قديم قاعدن کي ياد ڪندي مون کي تسلي ٿي ملي.

53 بدڪار ماڻهن کي تنهنجي شريعت جي خلاف هلندو ڏسي، منهنجي ڪاوڙ ڀڙڪا پيئي کائي.

54 هيءَ ڌرتي جنهن تي آءٌ ٿوريءَ دير لاءِ مسافر ٿي گذاريان ٿو، تنهن تي تنهنجا قاعدا قانون منهنجا گيت بڻجيو وڃن.

55 اي خداوند! رات جي اونداهين ۾ بہ آءٌ تو کي ئي ياد ڪريان ٿو، بلڪ تنهنجي شريعت تي هر دم عمل ڪندو رهان ٿو.

56 بيشڪ آءٌ خوش‌نصيب آهيان، جو تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪندو ٿو رهان.


شريعتِ الاهيءَ سان لڳاءُ

57 اي خداوند! تون ئي تہ منهنجو سڀ ڪجھہ آهين. آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ تنهنجي شريعت تي عمل ڪندو رهندس.

58 آءٌ پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجي ٻاجھہ لاءِ ٿو پيو ليلايان، تون پنهنجي واعدي موجب مون تي رحم ڪر.

59 جڏهن مون پنهنجي چال چلت تي غور ڪيو هو، تڏهن مون پنهنجي قدمن کي تنهنجي شريعت ڏانهن ڦيريو هو.

60 آءٌ تنهنجي حڪمن تي عمل ڪرڻ ۾ جلدي ڪريان ٿو، هائو، انهن تي هلڻ ۾ آءٌ دير نہ ٿو ڪريان.

61 بدڪارن پنهنجي سازشن سان مون کي وڪوڙي ڇڏيو آهي، تنهن هوندي بہ مون تنهنجي شريعت کي ڪين وساريو آهي.

62 آءٌ تنهنجي سچن قاعدن قانونن لاءِ، آڌيءَ رات جو بہ اُٿي تنهنجو شڪرانو ڪريان ٿو.

63 آءٌ انهن سڀني جو ساٿي آهيان، جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن ۽ تنهنجي قاعدن تي عمل ٿا ڪن.

64 اي خداوند! هيءَ ڌرتي تنهنجي لافاني شفقت سان ڀرپور آهي. تون مون کي پنهنجا قاعدا قانون سيکار.


شريعتِ الاهيءَ کي ويجھو اچڻ ۾ ڏکن جي اهميت

65 اي خداوند! بيشڪ تو پنهنجي واعدي موجب، پنهنجي بندي سان ڀلائي ڪئي آهي.

66 جيئن تہ مون تنهنجي حڪمن تي ايمان آندو آهي، سو مون کي حق سچ جي سڃاڻ ۽ دانائي سيکار.

67 مصيبت جي اچڻ کان اڳ ۾ آءٌ گمراهہ هئس، پر هاڻي آءٌ تنهنجي فرمان تي عمل ڪريان ٿو.

68 بيشڪ تون ڪيڏو نہ ڀلو ۽ ٻاجھارو آهين! اي خداوند! تون مون کي پنهنجا قاعدا قانون سيکار.

69 مغرور ماڻهو مون تي تهمتون ٿا هڻن، پر آءٌ پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجي قاعدن تي هلندو رهان ٿو.

70 انهن مغرورن جي دلين تي چرٻي چڙهي ويئي آهي، پر مون کي تنهنجي شريعت ۾ ڏاڍي خوشي ملي ٿي.

71 منهنجي لاءِ اهو چڱو ٿيو جو مون ڏک سٺا، ڇاڪاڻ تہ ان جي نتيجي ۾ مون تنهنجا قانون سکي ورتا.

72 تنهنجي زبان جا اهي حڪم مون لاءِ سون چانديءَ جي هزارين سڪن کان بہ وڌيڪ افضل آهن.


شريعتِ الاهيءَ جو انصاف

73 مون کي تنهنجي هٿن بڻايو آهي، هائو، آءٌ تنهنجو ئي خلقيل آهيان. سو مون کي اهڙي سمجھہ عطا ڪر، جو آءٌ تنهنجو هر حڪم ڄاڻي وٺان.

74 جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن، سي مون کي ڏسي خوش ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي فرمان تي ئي منهنجي سڄي اميد آهي.

75 اي خداوند! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تنهنجا فيصلا سچا آهن، ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تو پنهنجي سچائيءَ مطابق مون کي ڏک ڏنا آهن.

76 تو پنهنجي هن بندي سان جيڪو واعدو ڪيو آهي، تنهن موجب پنهنجي دائمي ٻاجھہ سان مون کي تسلي ڏي.

77 جيئن تہ تنهنجي شريعت ئي منهنجي خوشين جو سبب آهي، سو مون تي پنهنجيون رحمتون نازل ڪر، تان‌تہ آءٌ جيئرو رهان.

78 شل مغرور خوار خراب ٿين جيڪي ناحق مون کي ڏکوئين ٿا! جڏهن تہ آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن تي غور ڪندو رهندس.

79 جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن، ۽ تنهنجي شريعت جو لحاظ ٿا ڪن، شال اهي مون سان اچي شامل ٿين!

80 شل منهنجي دل پوريءَ طرح تنهنجي قانونن کي مڃيندي رهي! تان‌تہ مون کي ڪڏهن بہ شرمندگي نہ ٿئي.


شريعتِ الاهيءَ تي هلڻ وارن جي دشمنن کان بچاءَ لاءِ دعا

81 اي خداوند! آءٌ ڇڏائجڻ جو انتظار ڪندي ڪندي بيحد ماندو ٿي پيو آهيان، تنهن هوندي بہ منهنجي اميد تنهنجي واعدي تي آهي.

82 تنهنجي واعدي کي واجھائيندي منهنجي اکين ۾ ڌنڌ اچي پيو آهي. اي خداوند! تون ڪڏهن مون کي تسلي بخشيندين؟

83 جيتوڻيڪ منهنجو حال ڀڳل ٺڪر جهڙو اچي ٿيو آهي، تڏهن بہ مون تنهنجي قانونن کي ڪين وساريو آهي.

84 تنهنجي هن بندي جي عمر ئي ڪيتري آهي، جو تون انتظار ڪرائيندين! تون ڪڏهن انهن کي سزا ڏيندين جيڪي مون کي ستائين ٿا؟

85 اهي ئي مغرور ماڻهو، جيڪي شريعت تي نہ ٿا هلن، تن منهنجي واسطي کڏون کوٽيون آهن.

86 تنهنجا سمورا حڪم حق سچ آهن، جڏهن تہ دشمن ناحق مون کي ستائين ٿا. سو تون اچي منهنجي مدد ڪر.

87 اهي ذري گھٽ مون کي ڌرتيءَ تان ئي فنا ڪرڻ تي هئا، تڏهن بہ مون تنهنجي قاعدن کان منهن ڪين موڙيو.

88 تون پنهنجي دائمي ٻاجھہ موجب مون کي حياتي بخش، تان‌تہ آءٌ تنهنجي زبان جي حڪمن تي عمل ڪندو رهان.


شريعتِ الاهيءَ تي توڪل

89 اي خداوند! تنهنجو فرمان ابد تائين رهندو، اهو تنهنجي عرش عظيم وانگر هميشہ قائم وَ دائم آهي.

90 تنهنجي وفا پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهي ٿي، جيئن تو ڌرتيءَ جو بنياد وڌو آهي ۽ اها قائم آهي.

91 سڀيئي شيون تنهنجي حڪم سان اڄ ڏينهن تائين قائم آهن. بيشڪ هر شيءِ تنهنجي ئي تابعدار آهي.

92 جيڪڏهن تنهنجي شريعت منهنجي خوشيءَ جو باعث نہ هجي ها، تہ هوند آءٌ پنهنجي ڏکن ۾ ناس ٿي وڃان ها.

93 آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن کي ڪڏهن بہ ڪين وساريندس، ڇاڪاڻ تہ انهن جي ئي وسيلي تو مون کي زندگي بخشي آهي.

94 اي خداوند! مون کي اچي بچاءِ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجو ئي آهيان، ۽ هميشہ تنهنجي قاعدن قانونن جو طالبو رهيو آهيان.

95 بڇڙا ماڻهو مون کي برباد ڪرڻ جي لاءِ تاڙيو ويٺا آهن، پر منهنجو ڌيان تنهنجي حڪمن تي ئي رهي ٿو.

96 مون اهو ئي ڏٺو آهي تہ هر ڪماليت جي حد مقرر آهي، پر تنهنجو حڪم ايڏو تہ وسيع آهي، جنهن جي ڪا حد مقرر ڪانهي.


شريعتِ الاهيءَ سان محبت

97 اي خداوند! تنهنجي شريعت مون کي ڪيڏي نہ پياري آهي! آءٌ سڄو ڏينهن انهيءَ تي غور ڪندو رهندو آهيان.

98 هائو، اهي حڪم هميشہ مون سان گڏ آهن، جن مون کي منهنجي دشمنن کان وڌيڪ داناءُ بڻايو آهي.

99 آءٌ پنهنجي سڀني استادن کان وڌيڪ سمجھہ رکان ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي شريعت تي غور ڪندو رهان ٿو.

100 مون کي وڏي عمر وارن کان بہ وڌيڪ سمجھہ آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪندو رهان ٿو.

101 مون پنهنجا قدم هر بُري واٽ کان پري رکيا آهن، تان‌تہ آءٌ تنهنجي فرمان تي هلندو رهان.

102 مون تنهنجي قاعدن قانونن کان ڪڏهن منهن نہ موڙيو آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجو سکيا ڏيندڙ تون خداوند آهين.

103 تنهنجيون ڳالهيون منهنجي لاءِ ڪيڏيون نہ مٺڙيون آهن، هائو، منهنجي وات جي لاءِ اهي ماکيءَ کان بہ وڌيڪ مٺيون آهن.

104 تنهنجي قاعدن جي وسيلي مون کي سمجھہ عطا ٿئي ٿي، تنهنڪري مون کي بدڪاريءَ واري هر راهہ کان نفرت آهي.


شريعتِ الاهيءَ مان روشني

105 تنهنجو فرمان منهنجي راهہ جو ڏيئو آهي هائو، اهو منهنجيءَ واٽ لاءِ سوجھرو آهي.

106 مون جيڪو قسم کنيو آهي تنهن تي قائم آهيان، تہ آءٌ تنهنجي سچن قاعدن قانونن تي عمل ڪندو رهندس.

107 اي خداوند! آءٌ ڏاڍو ڏکايل آهيان، تون پنهنجي ڪيل واعدي موجب مون کي جيئرو رک.

108 اي خداوند! منهنجي واتان شڪراني جا نذرانا قبول فرماءِ، ۽ مون کي پنهنجا قاعدا قانون سيکار.

109 جيتوڻيڪ منهنجي جان هر وقت تريءَ تي ٿي رهي، تنهن هوندي بہ آءٌ تنهنجي شريعت کي نہ ٿو وساريان.

110 هائو، بدڪار ماڻهن مون لاءِ ڦندو اڏيو آهي، پر تڏهن بہ آءٌ تنهنجي قاعدن کان نہ ڦريو آهيان.

111 مون تنهنجي شريعت کي پنهنجي لاءِ ابدي ميراث بڻايو آهي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا احڪام منهنجي دل جي خوشي آهن.

112 مون پنهنجي دل تنهنجي قاعدن قانونن سان لڳائي آهي، تان‌تہ آءٌ انهن تي هر دم عمل پيو ڪريان.


شريعتِ الاهيءَ ۾ سلامتي

113 جيڪي ماڻهو تو سان ٻِہ‌دليا ٿي هلن ٿا، تن کان مون کي نفرت آهي. جڏهن تہ مون کي تنهنجي شريعت سان دلي محبت آهي.

114 تون منهنجي جاءِ‌پناهہ ۽ منهنجو محافظ آهين، منهنجي اميد تنهنجي واعدي تي ئي آهي.

115 سو اوهين، اي بدڪار ماڻهو! مون کان ڀڄي پري ٿيو، آءٌ پنهنجي خدا جي احڪامن تي عمل ڪندو رهندس.

116 اي خداوند! پنهنجي واعدي موجب مون کي سنڀال، تان‌تہ آءٌ جيئرو رهان. منهنجي انهيءَ اميد تي مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ.

117 هائو، اي خداوند! مون کي سنڀالي وٺ تان‌تہ آءٌ سلامت رهان، ۽ تنهنجي قاعدن قانونن تي غور پيو ڪندو رهان.

118 جيڪي تنهنجي قانونن کان ڦري ويا آهن، تن کي تون حقير ٿو ڄاڻين. سندن اها دغابازي بلڪل ئي بي‌فائدي آهي.

119 تون ڌرتيءَ جي سڀني بدڪارن کي ڪَسُ جيان ڪڍي ڦٽو ڪرين ٿو. اهو ڏسي آءٌ تنهنجي شريعت کي پيار ڪريان ٿو.

120 اي خداوند! تنهنجي خوف کان منهنجا لڱ ڪانڊارجن ٿا، آءٌ تنهنجي فيصلن کان ڊڄندو رهان ٿو.


شريعتِ الاهيءَ جي تابعداري

121 آءٌ حق ۽ سچ تي عمل ڪندو رهان ٿو، سو جيڪي مون تي ظلم ٿا ڪن، تن جي حوالي مون کي نہ ڪجانءِ.

122 منهنجي ڀلائيءَ جي واسطي تون منهنجي ذميواري کڻ، تان‌تہ مغرور مون تي ظلم نہ ڪن.

123 ڇڏائڻ لاءِ اوسيئڙو ڪندي منهنجيون اکيون ڌنڌلائجي ويون آهن. هائو، ڇڏائڻ وارو تنهنجو واعدو واجھائيندي، منهنجي نظر گھٽجي ويئي آهي.

124 پنهنجي هن بندي سان پنهنجي دائمي ٻاجھہ مطابق سلوڪ ڪر، ۽ مون کي پنهنجا قاعدا قانون سيکار.

125 آءٌ تنهنجو ئي بندو آهيان، مون کي سمجھہ عطا ڪر، تان‌تہ آءٌ تنهنجي سڄي شريعت کي ڄاڻي وٺان.

126 اي خداوند! وقت اچي ويو آهي جو تون ڪجھہ ڪرين، ڇاڪاڻ تہ ماڻهن تنهنجي شريعت کي ٽوڙيو آهي.

127 جڏهن تہ آءٌ تنهنجي حڪمن کي سون، بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ عزيز رکان ٿو.

128 انهيءَ ڪري جو آءٌ تنهنجي سڀني قاعدن کي سچو سمجھان ٿو، ۽ هر ڏنگيءَ راهہ کان نفرت ڪريان ٿو.


شريعتِ الاهيءَ تي عمل ڪرڻ جي تمنا

129 اي خداوند! تنهنجي شريعت ڪيڏي نہ عظيم ترين آهي! تنهنڪري آءٌ پوريءَ دل سان انهيءَ تي عمل ڪريان ٿو.

130 تنهنجي ڳالهين جي تشريح روشني عطا ڪري ٿي، اها اٻوجھن کي بہ سمجھہ عطا ڪري ٿي.

131 آءٌ تنهنجي حڪمن جو ايڏو تہ مشتاق آهيان، جو هر وقت انهن جو سڪايل ٿو رهان.

132 اي خداوند! مون ڏانهن ڌيان ڏي، ۽ مون تي پنهنجو اهو ئي رحم فرماءِ، جيڪو تو کي پنهنجي پيار ڪرڻ وارن تي ڪرڻ جڳائي ٿو.

133 تون پنهنجي واعدي مطابق منهنجي چال کي درست رک، ائين نہ ٿئي جو ڪا بڇڙائي مون تي غالب اچي پوي.

134 مون تي ظلم ڪرڻ وارن کان مون کي اچي بچاءِ، تان‌تہ آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪندو رهان.

135 تون پنهنجي هن ٻانهي تي ٻاجھہ جي نظر ڪر، ۽ مون کي پنهنجا قانون سيکار.

136 منهنجي اکين مان پاڻيءَ جون نديون ٿيون وهن، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو تنهنجي شريعت تي عمل نہ ٿا ڪن.


شريعتِ الاهيءَ جي سچائي

137 اي خداوند! بيشڪ تون صادق آهين، تنهنجا قاعدا قانون بلڪل سچا آهن.

138 تو پنهنجي شريعت ۾ جيڪي بہ حڪم ڏنا آهن، سي سچا ۽ ڀروسي جهڙا آهن.

139 منهنجي دشمنن تنهنجي فرمان کي پٺي ڏيئي ڇڏي آهي، تنهنڪري منهنجي غيرت مون ۾ جوش ٿي کائي.

140 تنهنجو واعدو بلڪل سچو آهي، تنهنڪري تنهنجو هي بندو انهيءَ کي پيار ڪري ٿو.

141 آءٌ خسيس ۽ حقير تہ آهيان، پر تڏهن بہ تنهنجي قاعدن کي ڪين ٿو وساريان.

142 تنهنجي سچائي ابدي سچائي آهي، تنهنجي شريعت بلڪل سچي آهي.

143 جيتوڻيڪ مون کي تڪليفن ۽ رنج اچي وڪوڙيو آهي، تڏهن بہ تنهنجا حڪم منهنجي خوشيءَ جو ڪارڻ آهن.

144 تنهنجي شريعت ازل کان ابد تائين سچي آهي، اي خداوند! مون کي سمجھہ عطا ڪر تہ آءٌ جيئرو رهان.


شريعتِ الاهيءَ تي عمل ڪندڙ جي پنهنجي بچاءَ لاءِ دعا

145 آءٌ پوريءَ دل سان تو کي پڪاريان ٿو، اي خداوند! منهنجو عرض ٻڌ. آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪندو رهندس.

146 آءٌ تو کي فرياد ٿو ڪريان، مون کي بچائي وٺ، تہ آءٌ تنهنجي شريعت تي عمل ڪندو رهندس.

147 پرهہ ڦٽڻ کان اڳ ۾ اُٿي آءٌ تو کي فرياد ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون کي تنهنجي واعدي تي اميد آهي.

148 رات جي هر پهر ۾ منهنجيون اکيون کُليل رهن ٿيون، تان‌تہ آءٌ تنهنجي چيل ڳالهين تي غور ويچار ڪندو رهان.

149 اي خداوند! پنهنجي دائمي ٻاجھہ مطابق منهنجو فرياد ٻڌ، ۽ پنهنجي فيصلي موجب مون کي حياتي عطا ڪر.

150 مون کي ستائيندڙ، جيڪي تنهنجي شريعت کان بہ پري آهن، سي بدخواهيءَ وچان منهنجي ويجھو پوندا ٿا وڃن.

151 پر اي خداوند! تون تہ انهن کان بہ منهنجي ويجھو آهين، ۽ تنهنجا سمورا حڪم ڀروسي جهڙا آهن.

152 گھڻي وقت کان ئي مون تنهنجي شريعت بابت سمجھي ڇڏيو آهي، تہ تو انهيءَ کي هميشہ هميشہ لاءِ قائم ڪيو آهي.


شريعتِ الاهيءَ تي عمل ڪندڙ جي پنهنجي مدد لاءِ التجا

153 اي خداوند! منهنجي مصيبت تي نظر ڪر ۽ مون کي ڇڏائي وٺ، ڇاڪاڻ تہ مون تنهنجي شريعت کي نہ وساريو آهي.

154 تون منهنجي ڪيس جي وڪالت ڪر ۽ مون کي اچي ڇڏاءِ، تون پنهنجي ڪيل قول موجب مون کي حياتي عطا ڪر.

155 بيشڪ بدڪار ماڻهن کي نہ بچايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اهي تنهنجي قاعدن قانونن جي طلب ئي نہ ٿا ڪن.

156 پر اي خداوند! پنهنجي فيصلن موجب مون کي حياتي بخش، ڇاڪاڻ تہ تنهنجيون رحمتون بيحد گھڻيون آهن.

157 توڙي جو مون کي ستائڻ وارا ۽ منهنجا دشمن گھڻا آهن، تڏهن بہ آءٌ تنهنجي احڪامن کان پري نہ هٽيو آهيان.

158 تو سان دغابازي ڪندڙن کي ڏسي مون کي نفرت آئي، ڇاڪاڻ تہ اهي تنهنجي احڪامن تي عمل نہ ٿا ڪن.

159 ڏس، اي خداوند! مون کي تنهنجا قاعدا ڪيڏا نہ عزيز آهن! تون پنهنجي دائمي ٻاجھہ مطابق مون کي حياتي عطا ڪر.

160 تنهنجو پورو فرمان تنهنجي وفا تي ٻڌل آهي، سو تنهنجا سمورا قاعدا قانون هميشہ سچ تي قائم رهندا.


شريعتِ الاهيءَ لاءِ وقف ٿيڻ

161 زورآور ماڻهو مون کي بي‌سبب ستائين ٿا، پر منهنجيءَ دل ۾ رڳو تنهنجي فرمان جو ڊپ آهي.

162 مون کي تنهنجي واعدن جي ڪري اهڙي خوشي ملي ٿي، جهڙي ڪنهن کي جھجھو غنيمت وارو مال ملڻ سان.

163 ڪوڙ کان مون کي نفرت آهي ۽ آءٌ انهيءَ کي ڌڪاريان ٿو، پر تنهنجي شريعت کي آءٌ بيحد پيار ڪريان ٿو.

164 آءٌ تنهنجي انهن سچن قاعدن قانونن جي ڪري روزانو بار بار تنهنجي واکاڻ ڪندو ٿو رهان.

165 جيڪي تنهنجي شريعت کي چاهين ٿا، تن لاءِ جھجھي سلامتي ۽ خوشحالي آهي. اهي ڪڏهن ڪو ٿاٻو بہ نہ کائيندا.

166 اي خداوند! آءٌ منتظر آهيان تہ تون ئي مون کي ڇڏائيندين، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي حڪمن تي عمل ڪندو ٿو رهان.

167 مون تنهنجي شريعت تي دل وَ جان سان عمل ڪيو آهي، ڇوجو آءٌ تنهنجي انهن احڪامن سان بيحد پيار ڪريان ٿو.

168 آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪندو ٿو رهان. ڏس، منهنجيون سڀيئي واٽون تنهنجي آڏو آهن.


شريعتِ الاهيءَ جي واکاڻ

169 اي خداوند! منهنجو فرياد شال تنهنجي حضور ۾ پهچي! تون واعدي موجب پنهنجي فرمان جي سمجھہ عطا ڪر.

170 هائو، منهنجي التجا شال تنهنجي حضور ۾ پهچي! تون پنهنجي ڪيل واعدي موجب مون کي اچي ڇڏاءِ.

171 منهنجي واتان تنهنجي واکاڻ ٿيندي رهندي، ڇاڪاڻ تہ تون مون کي پنهنجا قاعدا قانون سيکارين ٿو.

172 منهنجي زبان تنهنجي فرمان جا گيت پيئي ڳائيندي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا سمورا حڪم بلڪل برحق آهن.

173 شال تنهنجو هٿ منهنجي مدد لاءِ سدائين تيار رهي! ڇاڪاڻ تہ مون تنهنجي قاعدن کي چونڊي کنيو آهي.

174 اي خداوند! سخت اوسيئڙو اٿم، تون اچي مون کي بچاءِ. تنهنجي شريعت ئي منهنجي خوشين جو سبب آهي.

175 سو تون مون کي بچائي جيئرو رک، تان‌تہ آءٌ تنهنجي واکاڻ ڪندو رهان! شال تنهنجا قاعدا قانون منهنجي رهنمائي ڪندا رهن!

176 آءٌ گم ٿيل رڍ جيان ڀٽڪي ويو آهيان، تون اچي پنهنجي هن بندي کي ڳولي لهہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي حڪمن کي ڪڏهن نہ ٿو وساريان.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan