زبور 118 - Muslim Sindhi Bibleفتح لاءِ شڪرگذاري ڪرڻ 1 خداوند جو شڪرانو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي. سندس رحم ابد تائين قائم آهي. 2 هاڻ بني اسرائيل چون تہ ”سندس رحم ابد تائين قائم آهي.“ 3 ڪاهن بہ چون تہ ”سندس رحم ابد تائين قائم آهي.“ 4 بلڪ خداوند جي بندگي ڪرڻ وارا سڀ چون تہ ”سندس رحم ابد تائين قائم آهي.“ بادشاهہ جو شڪرگذاري ڪرڻ 5 ”مون مصيبت جي وقت خداوند کي پڪاريو، خداوند منهنجي دانهن ٻڌي ۽ مون کي ڇڏايائين. 6 جيئن تہ خداوند مون سان آهي، سو آءٌ ڊڄڻ وارو نہ آهيان. انسان مون کي ڇا ڪري سگھندو؟ 7 خداوند مون سان گڏ آهي ۽ اهو ئي منهنجي مدد ڪندو. هائو، منهنجي ڏسندي هو منهنجي دشمنن کي شڪست ڏيندو. 8-9 ڪو فاني انسان، پوءِ اهو وڏو سردار ئي ڇونہ هجي، تنهن تي آسرو رکڻ کان، خداوند تي توڪل ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي. 10 گھڻيون ئي ڌاريون قومون مون کي وڪوڙي ويون هيون، پر خداوند جي نالي سان مون کين برباد ڪري ڇڏيو. 11 اهي مون کي چئني پاسن کان وڪوڙي ويون هيون، پر خداوند جي نالي سان مون کين برباد ڪري ڇڏيو. 12 اهي مون کي ماکيءَ جي مکين وانگر ويڙهي ويون هيون، پر ڪنڊن جي باهہ جيان اهي اک ڇنڀ ۾ ٻري سڙي ويون. هائو، خداوند جي زورآور نالي سان مون کين برباد ڪري ڇڏيو. 13 انهن دشمنن جا حملا ايڏا تہ زوردار هئا، جو آءٌ شڪست کائڻ تي هئس، پر خداوند منهنجي مدد ڪئي. 14 بيشڪ خداوند ئي منهنجي طاقت ۽ راڳ آهي، هو ئي منهنجو بچائيندڙ آهي. 15 سو سچارن جي لشڪرگاهہ مان فتح ۽ خوشيءَ جا نعرا ٿا ٻڌجن تہ ’خداوند وڏي قدرت وارو آهي! 16 خداوند پنهنجو زورآور هٿ بلند ڪيو آهي! خداوند پوري قدرت سان فتح بخشي آهي!‘ 17 هاڻ آءٌ مرڻ کان بچي ويو آهيان. سو جيئرو رهي آءٌ خداوند جي قدرت بيان ڪندو رهندس. 18 بيشڪ خداوند مون کي گھڻي کان گھڻي سيکت ڏني، پر تڏهن بہ مون کي موت جي حوالي ڪين ڪيائين. 19 اي دربانؤ! مقدس هيڪل جا دروازا کولي ڇڏيو، تانتہ هيڪل ۾ داخل ٿي آءٌ خداوند جو شڪر ادا ڪريان.“ دربانن جو ورندي ڏيڻ 20 ”هي خداوند جو دروازو آهي، بيشڪ انهيءَ ۾ سچار ماڻهو داخل ٿي سگھن ٿا.“ بادشاهہ جو هيڪل ۾ داخل ٿيڻ 21 ”اي خداوند! آءٌ تنهنجو شڪرانو بجا ٿو آڻيان، جو تو منهنجي دانهن ٻڌي مون کي ڇڏايو آهي.“ خوشين ملهائڻ لاءِ سڏڻ 22 ”جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي. 23 بيشڪ هي سڀ خداوند جي طرفان ٿيو آهي، اهو سڀ اسان جي نظر ۾ ڪيڏو نہ عجيب آهي! 24 هي ڏينهن خداوند فتح جي خوشيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي. سو اچو تہ اسين اڄ سرها ٿيون ۽ خوشيون ملهايون. 25 اي خداوند! اسين عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي تون ائين بچائيندو رهج. اي خداوند! تون اسان کي سوڀ عطا ڪندو رهج.“ ڪاهنن جو دعا ڪرڻ 26 ”بيشڪ اهو سڀاڳو آهي جيڪو خداوند جي طلب ۾ هتي اچي ٿو، اسين خداوند جي هيڪل ۾ انهيءَ کي دعا ڪريون ٿا. 27 بيشڪ خداوند ئي اسان جو خدا آهي، جنهن اسان سان ڀال ڀلايو آهي. سو اي بادشاهہ! اوهين قربانگاهہ جي چوڌاري ڦرندي ٽاريون کڻي جشن ملهايو.“ بادشاهہ جو خدا جي واکاڻ ڪرڻ 28 ”تون ئي منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجا ٿورا مڃيندس. تون ئي منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجي وڏائي بيان ڪندس.“ 29 خداوند جو شڪرانو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي، سندس رحم ابد تائين قائم آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society