زبور 116 - Muslim Sindhi Bibleموت کان بچي وڃڻ جي شڪرگذاري 1 مون کي خداوند سان محبت آهي، ڇوجو هن منهنجي دانهن ۽ منهنجي منٿن کي ٻڌو آهي. 2 جيئن تہ هن مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏنو آهي، سو آءٌ پنهنجي سڄي حياتي کيس پڪاريندو رهندس. 3 مون کي موت جي رسين ويڙهي ڇڏيو هو، ۽ قبر جي هيبت اچي ورتو هئم. هائو، آءٌ ڏک ۾ گرفتار ٿي ويو هئس، ۽ دهشتن مون کي گھيري ڇڏيو هو. 4 انهيءَ وقت مون خداوند کي پڪاريو هو تہ ”اي خداوند! آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي جان بچاءِ.“ 5 بيشڪ خداوند رحيم ۽ سچار آهي، اسان جو خدا ٻاجھہ ڪرڻ وارو آهي. 6 خداوند سادن سٻاجھن جي حفاظت ڪري ٿو. سو جڏهن آءٌ دٻجي ويو هئس تڏهن هن مون کي بچائي ورتو. 7 خداوند مون تي ايڏو تہ احسان ڪيو آهي، جو مون کي وري ڪابہ ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. 8 هن مون کي موت جي منهن مان ڇڏائي ورتو آهي. هائو، هن منهنجي اکين کي لڙڪن وهائڻ کان ۽ منهنجي پيرن کي پاتال ۾ ڪرڻ کان بچايو آهي. 9 سو هاڻ آءٌ خداوند جي حضور ۾، جيئرن جي هن دنيا اندر هلندو رهندس. 10 مون ان وقت بہ ايمان آندو هو جڏهن چيو هئم تہ ”آءٌ ڏاڍي ڏک ۾ مبتلا ٿي ويو آهيان.“ 11 تڏهن آءٌ ايترو تہ ڏهڪاءَ ۾ هئس جو مون چيو هو تہ ”سڀيئي ماڻهو ڪُوڙا آهن، ڪوبہ ڀروسي جهڙو ناهي.“ 12 خداوند جي ڪيل انهن سڀني مهربانين جي بدلي ۾، آءٌ کيس ڇا ٿو ڏيئي سگھان؟ 13 آءٌ تہ اوتڻ وارو نذرانو کڻي خداوند آڏو پيش ڪندس، ۽ سندس شڪرانو بجا آڻيندس، ڇاڪاڻ تہ هن منهنجي جان بچائي آهي. 14 هائو، جڏهن ماڻهو عبادت لاءِ گڏ ٿيندا تہ آءٌ سندن روبرو، خداوند آڏو پنهنجيون اهي باسون پوريون ڪندس. 15 بيشڪ خداوند جي نيڪ بندن جو موت بہ، سندس نظرن ۾ ڪيڏو نہ اَملهہ آهي! 16 اي خداوند! آءٌ تنهنجو ئي ٻانهو آهيان، هائو، تنهنجو ٻانهو يعني تنهنجي ٻانهيءَ جو ٻار آهيان. تو ئي منهنجي موت جا بند کوليا آهن. 17 سو آءٌ تنهنجو نالو وٺي تنهنجي حضور ۾ شڪراني جو نذرانو پيش ڪندس. 18 جڏهن ماڻهو عبادت لاءِ گڏ ٿيندا تہ آءٌ سندن روبرو، تو خداوند آڏو پنهنجيون اهي باسون پوريون ڪندس. 19 هائو، اهي آءٌ تنهنجي گھر جي بارگاهن ۾، تنهنجي شهر يروشلم منجھہ ئي پوريون ڪندس. خداوند جي واکاڻ ڪريو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society