Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 115 - Muslim Sindhi Bible


واحد ۽ سچو خدا

1 اسان جي لاءِ نہ اي خداوند! اسان جي لاءِ نہ، بلڪ پنهنجي دائمي شفقت ۽ سچائيءَ جي واسطي، تون رڳو پنهنجي نالي جي لاءِ پنهنجي عظمت کي ظاهر ڪر.

2 ڇو اهي ڌاريون قومون اسان کي چون ٿيون تہ ”ڪٿي آهي اوهان وارو خدا؟“

3 جڏهن تہ اسان جو خدا عرش عظيم تي آهي، ۽ هن کي جيڪي وڻي ٿو سو هو ڪري ٿو.

4 پر انهن جا معبود رڳو چانديءَ ۽ سون جا ٺاهيل بت آهن، جيڪي ماڻهن جي هٿن جي ڪاريگري آهن.

5 انهن کي وات تہ آهي پر اهي ڳالهائي ڪين ٿا سگھن. انهن کي اکيون تہ آهن پر اهي ڏسي ڪين ٿا سگھن.

6 انهن کي ڪن بہ ٺهيل آهن پر اهي ٻڌڻ کان لاچار آهن. انهن کي نڪ بہ ٺهيل آهي پر کين سنگھڻ جي طاقت ناهي.

7 انهن کي هٿ بہ آهن پر کين ڇُهڻ جي سگھہ ناهي، بيشڪ انهن کي پير بہ آهن پر کين هلڻ جي طاقت ناهي، نڪي وري اهي پنهنجي نڙيءَ مان ڪو آواز ئي ڪڍي ٿا سگھن.

8 جيڪي انهن کي ٺاهين ٿا يا مٿن ڀروسو ٿا ڪن، سي اهڙا ئي لاچار وَ مجبور آهن، جهڙا سندن اهي بت بيڪار آهن.

9 اي بني اسرائيل! اوهين خداوند تي ئي ڀروسو رکو، اهو ئي اوهان جو مددگار ۽ اوهان جو محافظ آهي.

10 اي بني اسرائيل جا ڪاهنؤ! اوهين خداوند تي ڀروسو رکو، اهو ئي اوهان جو مددگار ۽ اوهان جو محافظ آهي.

11 اي خداوند جو خوف رکڻ وارؤ! اوهين سڀيئي خداوند تي ڀروسو رکو، اهو ئي اوهان جو مددگار ۽ اوهان جو محافظ آهي.

12 خداوند اسان جي سار لڌي آهي، هاڻ هو اسان کي برڪت ڏيندو. هائو، بني اسرائيل کي ۽ انهن جي ڪاهنن کي هو پنهنجي برڪت عطا ڪندو.

13 بيشڪ جيڪي بہ سندس خوف رکن ٿا، پوءِ اُهي ادنيٰ هجن يا اعليٰ، تن سڀني کي هو برڪت عطا ڪندو.

14 سو هر ڪو هڪٻئي کي هيئن دعا ڪري تہ ”خداوند شال اوهان کي گھڻو وڌائي! هائو، شال خداوند اوهان کي ۽ اوهان جي اولاد کي بہ وڌائي!

15 شال زمين ۽ آسمان جو خالق اوهان کي برڪتون ئي برڪتون عطا ڪندو رهي!“

16 آسمان تہ بيشڪ خداوند جي ئي هٿ هيٺ آهن، پر ڌرتي هُن اسان انسانذات کي ڏيئي ڇڏي آهي.

17 جڏهن تہ ماٺ جي دنيا ۾ لهي ويل مُڙدا خداوند جي واکاڻ ڪين ٿا ڪري سگھن.

18 باقي اسين ئي جيڪي جيئرا آهيون، سي هاڻي ۽ هميشہ هميشہ تائين پڻ خداوند کي سڳورو چوندا رهنداسين. خداوند جي واکاڻ ڪريو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan