Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 114 - Muslim Sindhi Bible


خداوند جا معجزا

1 بني اسرائيل قوم مصر منجھان ٻاهر نڪري آئي. هائو، خدا يعقوب جي نسل کي ڌاري ٻولي ڳالهائيندڙن مان ڪڍي آيو.

2 هن يهوداہ علائقي ۾ پنهنجو مقدس تخت قائم ڪيو، تہ جيئن اتان پوري اسرائيل ملڪ تي بادشاهي ڪري.

3 ڳاڙهي سمنڊ جڏهن خدا کي ڏٺو تڏهن اهو پٺتي هٽي ويو، اردن درياءُ پڻ کيس ڏسي پٺئين پاسي وهڻ لڳو.

4 ٽڪريون توڙي جبل ٿڙڪڻ لڳا، بلڪ منجھن رڍن ٻڪرين وانگر ڦڙڦوٽ پئجي ويئي.

5 اي سمنڊ! ٻڌاءِ تو کي ڇا ٿيو؟ تون ڇو پٺتي هٽي وئين؟ اي اردن درياءَ! تو کي ڇا ٿيو؟ تون پٺتي ڇو وهڻ لڳو هيئن؟

6 اي ٽڪريون ۽ جبلؤ! اوهان کي ڇا ٿيو؟ اوهان ۾ رڍن ٻڪرين وانگر ڇو ڦڙڦوٽ پيئي؟

7 اي ڌرتي! تون بہ ڏڪي ويندينءَ، جڏهن يعقوب جو خدا تو کي اچي ويجھو ٿيندو.

8 هو اهڙو آهي جيڪو سخت ٽڪريءَ کي پاڻيءَ جو تلاءُ بڻايو ڇڏي، ۽ انهيءَ منجھان وهندڙ چشمو جاري ڪيو ڇڏي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan