Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 112 - Muslim Sindhi Bible


سچارن جي خوشحالي

1 خداوند جي واکاڻ ڪريو. سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، ۽ خوشيءَ سان سندس حڪمن تي عمل ڪن ٿا.

2 انهن جو نسل پوري ملڪ ۾ زور وارو ٿيندو. هائو، انهن سچارن جو سمورو اولاد سڀاڳو ٿيندو.

3 سندن گھراڻن ۾ دولت ۽ خوشحالي هوندي. بيشڪ مٿن ابد تائين سندس سخاوت قائم رهندي.

4 اهي ماڻهو بيحد مهربان، رحمدل ۽ نيڪ آهن، بلڪ سچارن لاءِ هو اونداهيءَ ۾ روشنيءَ مثل آهن.

5 اهي رحمدل ماڻهو ڪيڏا نہ ڀلا آهن! جيڪي خوشيءَ سان ضرورتمندن کي قرض ڏين ٿا، ۽ پنهنجو ڏيتي ليتيءَ جو ڪم سچائيءَ سان ڪن ٿا.

6 انهن کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو ڪين ايندو، بلڪ انهن سچارن جي ياد هميشہ تائين رهندي.

7 ڪابہ بري خبر کين ڊيڄاري نہ سگھندي، ڇاڪاڻ تہ هو پختيءَ دل سان خداوند تي ڀروسو رکن ٿا.

8 بيشڪ اهي ڊڄڻ وارا ناهن، بلڪ خدا تي سندن يقين ايترو تہ پختو آهي، جو اهي پنهنجي دشمنن کي خوار خراب ٿيندو ڏسندا.

9 هو فراخدليءَ سان محتاجن کي ڏين ٿا، ۽ سندن سخاوت هميشہ تائين جاري رهندي. بيشڪ انهن کي قوت ۽ عزت ۾ مٿاهون ڪيو ويندو.

10 پوءِ جڏهن بڇڙا ماڻهو اهو ڏسندا تہ ساڙ کائيندي ۽ ڏند ڪرٽيندي ڪمزوريءَ ۾ وڌندا ويندا. هائو، سندن سڀ تمنائون نابود ٿي وينديون.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan