زبور 111 - Muslim Sindhi Bibleخداوند جا عظيم ڪم 1 خداوند جي واکاڻ ڪريو. آءٌ سچارن جي گڏجاڻيءَ ۾، پنهنجي پوري دل وَ جان سان خداوند جو شڪر ڪندس. 2 خداوند جا ڪم ڪيڏا نہ عظيم آهن! جيڪي انهن کي دل سان پسند ڪن ٿا، سي انهن تي غور ويچار ڪندا رهن ٿا. 3 هن جا ڪم وڏي شان وَ شوڪت وارا آهن، ۽ پنهنجي بندن لاءِ سندس سچائي هميشہ قائم وَ دائم آهي. 4 خداوند جيڪو رحيم ۽ ڪريم آهي، سو پنهنجي عجيب ڪمن جي يادگيري قائم رکي ٿو. 5 هو پنهنجي بندن سان ٻڌل عهد کي هميشہ ياد رکي ٿو، سو جيڪي سندس خوف رکن ٿا تن کي هو رزق مهيا ڪري ٿو، 6 هن پنهنجي قدرت وارا ڪم پنهنجي قوم کي ظاهر ڪري ڏيکاريا، جڏهن هن ڌارين قومن جي زمين کين عطا ڪئي. 7 بيشڪ خدا جا سڀيئي ڪم سچائيءَ ۽ انصاف وارا آهن. خدا جي سڀني قاعدن قانونن تي پورو ڀروسو ڪري سگھجي ٿو، 8 ڇاڪاڻ تہ اهي سچائيءَ ۽ حق تي ٻڌل آهن. اهي هميشہ هميشہ تائين قائم وَ دائم رهندا. 9 هن پنهنجي قوم کي ڇڏايو، ۽ ساڻن پنهنجو هميشہ وارو عهد ٻڌو. بيشڪ سندس نالو پاڪ ۽ هيبتناڪ آهي. 10 خداوند جي خوف رکڻ سان ئي دانائيءَ جي شروعات ٿئي ٿي. بيشڪ اهي سمجھو آهن جيڪي سندس حڪمن تي عمل ڪن ٿا. سندس واکاڻ هميشہ هميشہ تائين قائم رهندي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society