زبور 110 - Muslim Sindhi Bibleبادشاهہ ۽ ڪاهن طور خداوند جو چونڊيل بندو (دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 خداوند منهنجي مالڪ بادشاهہ کي هيئن فرمايو هو تہ ”آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان ڪندس. تون منهنجي ساڄي پاسي ويٺو ڏس.“ 2 سو اي منهنجا بادشاهہ! خداوند صيئون مان تنهنجي شاهي لٺ جي طاقت کي ڦهلائيندو، ۽ تون پنهنجي دشمنن تي حڪمراني ڪندين. 3 تنهنجي جنگ ڪرڻ واري ڏينهن تي تنهنجا ماڻهو پاڻ کي پيش ڪندا. هائو، تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان تو وٽ پيش ٿيندا. جيئن صبح جو سوير تازگي ڏيندڙ ماڪ پوي ٿي، تيئن ئي اهي نوجوان تازگيءَ واري حالت ۾ تو وٽ ايندا. 4 خداوند قسم کڻي تو سان واعدو ڪيو آهي، جيڪو هو ڪڏهن نہ ٽوڙيندو تہ ”تون ملڪصدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن ٿيندين.“ 5 خداوند تنهنجي ساڄي پاسي آهي، هو پنهنجي غضب واري ڏينهن تي ٻين بادشاهن کي شڪست ڏيندو. 6 هو قومن جي عدالت ڪندو ۽ لاشن جا ڍير ڪري ڇڏيندو. هو سڄي دنيا جي حاڪمن کي ماري مات ڪندو. 7 تڏهن واٽ ۾ تون ڪنهن وهندڙ نهر جو پاڻي پيئندين، پاڻي پي تون تازو توانو ٿيندين ۽ پوءِ سدائين سوڀارو رهندين. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society