زبور 11 - Muslim Sindhi Bibleخداوند تي توڪل (استاد موسيقار لاءِ، دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 آءٌ خداوند جي پناهہ ۾ آهيان، پوءِ اوهين مون کي هيئن ڇو ٿا چئو تہ ”تون پکيءَ وانگر جبل تي اڏامي وڃ.“ 2 اوهين چئو ٿا تہ ”ڏس، بڇڙا پنهنجي تيرڪمان کي تيار ٿا ڪن. هو تير کي زِهَہ تي چاڙهين ٿا، انهيءَ لاءِ تہ اوندهہ مان اهو سچيءَ دل وارن کي هڻن. 3 جيڪڏهن قاعدن ۽ اصولن کي ئي ڊاهي پٽ ڪيو ويندو، تہ پوءِ سچار ڇا ڪري سگھندو؟“ 4 ياد رکو، خداوند، جنهن جو تخت عرش عظيم تي آهي، سو پنهنجي مقدس هيڪل ۾ رهي ٿو. سندس نگاهہ بني آدم تي آهي، سو اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو هو ڏسي ٿو. 5 هو سچار ۽ بدڪار ٻنهي کي جاچي ٿو. سو جيڪو بدڪاريءَ ۽ ظلم کي پسند ڪري ٿو، تنهن کان هو نفرت ٿو ڪري. 6 هو بڇڙن ماڻهن تي ٻرندڙ ٽانڊا ۽ گندرف وسائيندو، ۽ جھولي جي گرم هوا سندن مقدر بڻبي. 7 جيئن تہ خداوند سچو آهي، تنهنڪري هو نيڪ عملن کي پسند ڪري ٿو. سو جيڪي سچا ماڻهو هوندا، سي ئي سندس حضور ۾ حاضر رهندا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society