زبور 108 - Muslim Sindhi Bibleدائمي شفقت لاءِ خداوند جي شڪرگذاري ( زبور 57:7-11 ، 60:5-12 ) ( دائود جي زبورن ۾ شامل، هڪ گيت) 1 اي خدا! منهنجو تو تي ڀروسو آهي، هائو، اهڙو ڀروسو جيڪو ڪڏهن بہ ختم ٿي نہ سگھي. سو آءٌ گيت ڳائي تنهنجي واکاڻ ڪندس. آءٌ ننڊ مان اُٿي کڙو ٿيندس، 2 ۽ پنهنجي سارنگي ۽ دنبوري کي بہ جاڳائيندس. هائو، آءٌ پرهہ ڦٽيءَ جو اُٿي گيت ڳائيندس. 3 اي منهنجا ڌڻي! آءٌ ماڻهن آڏو تنهنجو شڪرانو ادا ڪندس. هائو، آءٌ قومن ۾ گيت ڳائي تنهنجي واکاڻ ڪندس، 4 ڇاڪاڻ تہ تنهنجو رحم آسمانن تائين ٽمٽار آهي، بلڪ انهن کان بہ مٿي تائين. بيشڪ تنهنجي وفا عظيم آهي، جيڪا بادلن کان بہ مٿي تائين ڀريل آهي. 5 اي خدا! شل تون عرش عظيم تي سرفراز رهين، شل تنهنجو جلال سڄي جهان تي ظاهر ٿئي. 6 تون اسان جي ٻڌ، ۽ پنهنجي زورآور هٿ سان اسان جي مدد ڪر، تانتہ اسين تنهنجا محبوب فتحياب ٿيون. 7 خدا پنهنجي مقدس ترين جاءِ مان واعدو فرمايو آهي تہ ”آءٌ فتحيابيءَ جي خوشيءَ وچان سڪم جي علائقي جا ڀاڱا ڀاڱا ڪندس، ۽ سڪات واري ماٿري پڻ پنهنجي قوم ۾ ورهائي ڇڏيندس. 8 جِلعاد جو علائقو منهنجو آهي ۽ منسي بہ منهنجو آهي، افرائيم منهنجو لوهي ٽوپ آهي، ۽ يهوداہ منهنجي شاهي لٺ آهي. 9 موآب جو ملڪ منهنجي هٿن ڌوئڻ جو ٿانءُ آهي، ادوم ملڪ تي آءٌ پنهنجي جُتي رکندس، ۽ فلستين جي ملڪ تي آءٌ فتح جو نعرو هڻندس.“ 10 اي خدا! ڪير مون کي ادوم ملڪ تائين پهچائيندو؟ ڪير مون کي ان جي ڪوٽ واري شهر ۾ وٺي ويندو؟ 11 اي خدا! ڇا اهو تون ئي نہ آهين، توڙي جو اسان کي رد ڪيو اٿيئي، ۽ اسان جي لشڪرن سان گڏ نہ ٿو هلين؟ 12 دشمنن جي مقابلي ۾ تون اسان جي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ انساني مدد بلڪل اجائي آهي. 13 خدا جي مدد سان اسين فتح جا جوهر ڏيکارينداسين، ڇوجو اهو ئي آهي جيڪو اسان جي دشمنن کي لتاڙيندو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society