زبور 107 - Muslim Sindhi Bibleدائمي شفقت لاءِ خداوند جي شڪرگذاري 1 ”اسين خداوند جو شڪر ڪريون ٿا، ڇوجو هو ڀلو آهي ۽ سندس رحم هميشہ تائين قائم آهي.“ 2 اوهين، جن کي خداوند بچايو آهي سي ائين چوندا رهو، ڇاڪاڻ تہ هن اوهان کي اوهان جي دشمنن هٿان ڇڏايو آهي. 3 هائو، هن اوهان کي اوڀر توڙي اولهہ مان، اتر توڙي ڏکڻ مان، يعني سڀني ملڪن مان ڪڍي اوهان جي وطن ۾ آڻي گڏ ڪيو آهي. 4 اوهان مان ڪي ويران بيابان ۾ پئي رُليا، جتان کين رهڻ لاءِ ڪنهن شهر جو رستو بہ ڪونہ پئي مليو. 5 اُهي بيحد بکايل ۽ اڃايل هئا، ۽ سندن جان بلڪل ماندي ٿي پيئي هئي. 6 تڏهن پنهنجيءَ مصيبت ۾ هنن خداوند کي پڪاريو، سو خداوند انهن کي سندن تڪليفن کان ڇڏايو. 7 هو انهن کي سڌيءَ راهہ سان وٺي آيو، ۽ آڻي کين شهر ۾ پهچايائين. 8 سو هاڻ اوهين خداوند جي دائمي شفقت لاءِ سندس شڪر ادا ڪريو، هائو، انهن عجيب ڪمن لاءِ جيڪي هو انسان خاطر ڪري ٿو. 9 بيشڪ جيڪي اُڃايل آهن تن کي هو ڍءُ ٿو ڪرائي، ۽ جيڪي بکايل آهن تن جو چڱين شين سان پيٽ ٿو ڀري. 10 اوهين، جن کي خداوند بچايو آهي، تن مان ڪي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ ويٺا هئا. اهي لوهہ جي ٻيڙين ۾ ٻڌل هئا ۽ مصيبت ۾ ٿي گذاريائون. 11 انهيءَ سبب جو هنن خدا جي حڪمن خلاف سرڪشي ڪئي هئي، ۽ خدا تعاليٰ جي هدايتن کي حقير ڄاتو هئائون. 12 تنهنڪري هن کين سخت پورهئي سان عاجز ڪيو هو، ايتري قدر جو اُهي ڪري پيا ۽ ڪوبہ سندن مددگار نہ هو. 13 تڏهن هنن پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، سو خداوند انهن کي سندن تڪليفن کان ڇڏايو. 14 هو کين اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي مان ڪڍي آيو، ۽ سندن قيد جي بندن کي ڀڃي ڇڏيائين. 15 سو هاڻ اوهين خداوند جي دائمي شفقت لاءِ سندس شڪر ادا ڪريو، هائو، انهن عجيب ڪمن لاءِ جيڪي هو انسان خاطر ڪري ٿو. 16 بيشڪ هو پتل جا مضبوط دروازا بہ ٽوڙي ڇڏي ٿو، ۽ لوهہ جي سيخن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ٿو. 17 اوهين، جن کي خداوند بچايو آهي، تن مان ڪي بيوقوف پنهنجن گناهن جي ڪري بيمار ٿيا هئا، ۽ پنهنجين بدڪارين جي ڪري ڏکن ۾ پيا هئا. 18 سندن دل کي ڪنهن بہ قسم جو کاڌو ڪين ٿي وڻيو، بلڪ بيماريءَ ڪري اهي موت جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتا هئا. 19 تڏهن هنن پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، سو خداوند انهن کي سندن تڪليفن کان ڇڏايو. 20 هن پنهنجي حڪم سان کين شفا بخشي هئي، ۽ کين برباديءَ کان بچايو هئائين. 21 سو هاڻ اوهين خداوند جي دائمي شفقت لاءِ سندس شڪر ادا ڪريو، هائو، انهن عجيب ڪمن لاءِ جيڪي هو انسان خاطر ڪري ٿو. 22 اوهين خداوند آڏو شڪرگذاريءَ واريون قربانيون پڻ پيش ڪريو، ۽ گيت ڳائيندي سندس ڪمن جو بيان ڪريو. 23 اوهان مان ڪي ٻيڙن ۾ چڙهي سمنڊ اندر هليا ويا، تانتہ وڏن سمنڊن تي پنهنجو واپار ڪندا رهن. 24 هنن پنهنجي اکين سان خداوند جا اُهي عجيب ڪم ڏٺا، جيڪي هن اونهي سمنڊ ۾ ڪيا. 25 جڏهن هن حڪم ڪيو تڏهن طوفان اچي لڳو، هائو، هن جي حڪم ڪرڻ سان ڇوليون مٿي چڙهي آيون. 26 تڏهن هو ٻيڙن ۾ آسمان تائين چڙهي وري تري ۾ لهي ٿي ويا، اهڙين پريشانين جي ڪري سندن ساهہ سُڪي ٿي ويو. 27 پوءِ اُهي نشئي ماڻهوءَ جيان لڏڻ ۽ ٿاٻڙجڻ لڳا، ۽ انهيءَ حالت ۾ سندن هوش هواس گم ٿي ويا. 28-29 انهيءَ مصيبت ۾ هنن خداوند کي پڪاريو، جنهن طوفاني هوائن کي روڪي ڇڏيو، ۽ سمنڊ جي ڇولين کي ماٺو ڪري ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح هن کين سندن تڪليفن کان ڇڏايو، 30 جنهن ڪري هو ڏاڍا خوش ٿيا. پوءِ خداوند کين بندرگاهہ تي آڻي پهچايو، جتي هنن وڃڻ ٿي چاهيو. 31 سو هاڻ اوهين خداوند جي دائمي شفقت لاءِ سندس شڪر ادا ڪريو، هائو، انهن عجيب ڪمن لاءِ جيڪي هو انسان خاطر ڪري ٿو. 32 هيڪل جي گڏجاڻيءَ ۾ اوهين سندس وڏائي بيان ڪريو، هائو، اتي اڳواڻن سان گڏجي سندس حمد ڳائيندا رهو. 33-34 جنهن زمين تي رهندڙ بڇڙائي ڪندا ٿا رهن، تنهن سرسبز وَ آباد زمين کي خداوند ڪلر بڻائي ٿو ڇڏي. هو دريائن کي رڻپٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو، ۽ پاڻيءَ جي چشمن کي سُڪي زمين بڻائي ٿو ڇڏي. 35 خداوند ئي بيابانن کي تلائن ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو، ۽ سُڪيءَ زمين کي پاڻيءَ جا چشما بڻائي ڇڏي ٿو. 36 اُتي هو انهن کي رهائي ٿو جيڪي بکايل آهن. اهي پنهنجي رهڻ جي لاءِ اتي شهر اڏي ٿا ڇڏين. 37 هو اُتي ٻنيون ٿا پوکين ۽ انگورن جا باغ ٿا لڳائين، اهڙيءَ طرح اهي زمين جو جھجھو فصل حاصل ٿا ڪن. 38 بيشڪ خداوند انهن ماڻهن کي برڪت ڏئي ٿو، تہ جيئن اُهي وڌي گھڻا ٿي پون، ۽ سندن ڍورن ڍڳن جا ڌڻ بہ گھڻو وڌي وڃن. 39 جڏهن اُهي ظلم، تڪليف ۽ غم جي ڪري، گھٽجن ۽ پست ٿين ٿا، 40 تڏهن خدا مٿن ظلم ڪرڻ وارن کي ذليل وَ خوار ڪري ٿو، ۽ کين اهڙي رڻ ۾ رلائي ٿو جتي ڪابہ واهہ ناهي. 41 پر هو محتاجن کي مصيبت مان ڇڏائي خوشحال بڻائي ٿو، ۽ سندن خاندانن کي ڌڻن وانگر وڌائي ڇڏي ٿو. 42 سچار اهو ڏسي خوش ٿا ٿين، ۽ سڀني بدڪارن جو وات بند ٿي وڃي ٿو. 43 جيڪي انسان عقلمند هوندا، سي هنن ڳالهين تي ڌيان ڏيندا، اهڙا ماڻهو خداوند جي دائمي رحمتن تي غور ڪندا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society