Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 106 - Muslim Sindhi Bible


بني اسرائيل قوم جو گناهہ باسڻ

1 خداوند جي واکاڻ ڪريو ۽ سندس ٿورا مڃيو، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي ۽ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.

2 ڪير آهي جيڪو خداوند جي قدرت جي ڪمن جو بيان ڪري سگھي؟ ڪير آهي جيڪو هن جي پوري واکاڻ ڪري سگھي؟

3 بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جيڪي انصاف ڪن ٿا، ۽ هميشہ سچائيءَ جي راهہ تي هلندا رهن ٿا.

4 اي خداوند! جڏهن تون پنهنجي ٻاجھہ سان پنهنجي قوم کي ڇڏائين، تڏهن مون کي بہ ياد ڪج،

5 تہ جيئن آءٌ تنهنجي چونڊيلن جي خوشحالي ڏسان. هائو، تنهنجي قوم جي خوشي ڏسي آءٌ بہ شادمان ٿيان، ۽ تنهنجي ماڻهن سان گڏجي بيحد فخر ڪريان.

6 بيشڪ اسان پنهنجي ابن ڏاڏن وانگر ڏوهہ ڪيا آهن، هائو، اسان گناهہ ڪيا آهن، اسان بڇڙائي ڪئي آهي.

7 مصر ۾ اسان جي ابن ڏاڏن خدا جي عجيب ڪمن کي ڪين سمجھيو. هنن سندس رحمت جي گھڻائيءَ کي بلڪل وساري ڇڏيو هو، بلڪ خدا تعاليٰ جي خلاف ڳاڙهي سمنڊ تي فساد ڪيو هئائون.

8 تنهن هوندي بہ پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب هن کين بچايو هو، تان‌تہ هو پنهنجي عظيم قدرت کي ظاهر ڪري.

9 هن جڏهن ڳاڙهي سمنڊ کي جھڻڪيو تڏهن اهو بہ سڪي ويو. پوءِ انهيءَ جي تري منجھان کين خشڪ زمين جيان پار ٽپايائين.

10 عداوت رکڻ وارن جي هٿان هن کين بچايو. هائو، سندن مصري دشمنن جي هٿان کين ڇڏايائين.

11 جڏهن تہ پنهنجي قوم جي انهن مخالفن کي خدا انهيءَ سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو، ايستائين جو انهن مان ڪو هڪڙو بہ نہ بچايائين.

12 تڏهن بني اسرائيل خدا جي واعدن تي ايمان آندو، ۽ پوءِ سندس واکاڻ جا گيت ڳائڻ لڳا.

13 پر پوءِ جلد ئي هو سندس انهن ڪمن کي وساري ويٺا، ۽ خداوند جي مرضيءَ کان منهن موڙي ڇڏيائون.

14 هائو، اهي بيابان ۾ کائڻ پيئڻ جون ڏاڍيون سَڌون ڪرڻ لڳا، ائين هنن رڻ‌پٽ ۾ خدا کي ڏاڍو آزمايو.

15 تنهن هوندي بہ خدا انهن جو عرض اگھايو، پر گڏوگڏ هن سندن جان کي اڏوهيءَ جهڙو مرض بہ لڳايو.

16 ان بعد خيمي‌گاهہ ۾ ڪن ماڻهن موسيٰ سان ڏاڍو حسد ڪيو، ۽ هارون، جيڪو خداوند جي خدمت لاءِ مخصوص ٿيل هو، تنهن سان پڻ حسد ڪيائون.

17 تڏهن زمين ڦاٽي پيئي ۽ انهن ماڻهن، يعني داتن ۽ ابيرام کي سندن خاندانن سميت ڳهي ويئي.

18 پوءِ انهن جي ٽولي جي باقي ماڻهن ۾ خدا اهڙي تہ باهہ ڀڙڪائي جو انهيءَ ۾ هر بدڪار سڙي ويو.

19 ان کان علاوہ بني اسرائيل سينا جبل تي سون مان گابي جي هڪڙي مورتي پلٽي جوڙي، جنهن کي هنن سجدو ڪيو.

20 ائين هنن پنهنجي عظيم خدا کي ڇڏي ڏنو، ۽ انهيءَ جي بجاءِ گاهہ کائيندڙ هڪ جانور جي مورتي چونڊي ورتائون.

21 هنن انهيءَ خدا کي وساري ڇڏيو جنهن کين بچايو هو، هائو، جنهن هنن کي مصر جي غلاميءَ مان ڇڏائڻ لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا هئا.

22 جيتوڻيڪ خدا مصر ملڪ ۾ هنن لاءِ عجيب وَ غريب ڪم ڪيا، ۽ ڳاڙهي سمنڊ تي پڻ سندن لاءِ هيبتناڪ ڪم ڪيائين، تنهن هوندي بہ هنن کيس وساري ڇڏيو.

23 تڏهن خدا فرمايو هو تہ ”آءٌ هنن کي برباد ڪندس.“ بلڪل ائين ئي ٿئي ها، جيڪڏهن خدا جو چونڊيل موسيٰ سندن وچ ۾ نہ پوي ها، تان‌تہ هو خدا جي ڪاوڙ ٽاري ڇڏي، ۽ اهي برباديءَ کان بچي وڃن.

24 ان کان سواءِ هنن انهيءَ وڻندڙ ملڪ ڪنعان کي حقير ڄاتو، ۽ پنهنجي خداوند جي ڪيل واعدي تي ڀروسو نہ ڪيائون.

25 ان جي بدران هو پنهنجي تنبن ۾ ويهي ڪِرڪِر ڪرڻ لڳا، ۽ ڪنعان وڃڻ واري خداوند جي حڪم جي نافرماني ڪيائون.

26 تنهنڪري خداوند سندن خلاف قسم کڻي چيو تہ ”آءٌ کين بيابان ۾ ماري چٽ ڪري ڇڏيندس،

27 ۽ سندن نسلن کي قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪندس. هائو، انهن کي آءٌ سڄيءَ دنيا ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس.“

28 پوءِ هنن هيئن بہ ڪيو جو وڃي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪرڻ لڳا، ۽ بي‌جان بتن جون قربانيون کائڻ لڳا.

29 اهڙا ڪم ڪري هنن خدا کي غصو ڏياريو، تنهنڪري اوچتو ئي اوچتو خدا مٿن وبا آڻي نازل ڪئي.

30 تڏهن فينحاس اُٿي کڙو ٿيو ۽ ڏوهين کي سزا ڏنائين، ۽ پوءِ وبا بلڪل ئي بند ٿي ويئي.

31 اهو ڪم فينحاس لاءِ پيڙهي بہ پيڙهي، هائو، هميشہ تائين سندس سچائي ڪري ليکيو ويو.

32 هنن مريباہ جي چشمي تي بہ خداوند کي غصو ڏياريو هو، ۽ انهن جي ئي ڪري خدا موسيٰ کي پڻ نقصان رسايو هو.

33 هيئن ٿيو جو هنن اتي موسيٰ کي رنجائي ڏاڍو ڪاوڙايو، تڏهن موسيٰ غصي مان پنهنجيءَ قوم کي نامناسب ڳالهايو هو.

34 بني اسرائيل انهن غير قومن کي بہ ناس نہ ڪيو، جن جي ناس ڪرڻ جو حڪم کين خداوند ڏنو هو.

35 اٽلندو انهن قومن سان هو رلي ملي ويا، ۽ انهن غير قومن جي ريتن رسمن تي پڻ هلڻ لڳا.

36 ايتري قدر جو هو پاڻ بہ انهن جي بتن جي پوڄا ڪرڻ لڳا، جيڪي بت انهن لاءِ برباديءَ وارو ڦندو ثابت ٿيا.

37-38 ڪنعان ملڪ جي انهن ڀوتن جي آڏو هنن پنهنجا ٻچا بہ قربان ڪيا. هائو، پنهنجي معصوم پٽن توڙي ڌيئرن جو رت وهائي، هنن پنهنجي ملڪ کي پليت ڪري ڇڏيو.

39 ائين ڪرڻ سان هنن خداوند سان بي‌وفائي ڪئي، ۽ پنهنجي انهن افعالن جي ڪري هو پاڻ بہ پليت ٿيا.

40 تڏهن خداوند کي پنهنجي قوم تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ پنهنجي انهن چونڊيلن کان کيس نفرت ٿي ويئي.

41 سو هن کين غير قومن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو. ائين ساڻن دشمني رکندڙ مٿن حڪمران ٿي ويا.

42 پوءِ جڏهن هو انهن جا تابعدار بڻجي ويا، تڏهن سندن دشمن کين ڏاڍو ستائڻ لڳا.

43 خداوند بار بار کين ڇڏايو، پر هو پنهنجي ئي صلاحن تي هلندي فسادي بڻجي ويا هئا، سو نيٺ اهي پنهنجي بدڪاريءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا.

44 تنهن هوندي بہ خدا جڏهن سندن دانهون ٻڌيون، تڏهن سندن مصيبتن تي پنهنجي ڪرم جي نظر ڪيائين.

45 سو هن سندن واسطي پنهنجي ٻڌل عهد کي ياد ڪيو، ۽ پنهنجي گھڻي ٻاجھہ جي ڪري پنهنجو سزا وارو ارادو بدلائي ڇڏيائين.

46 پوءِ جن کين پنهنجي قبضي ۾ رکيو هو، خداوند تن سڀني جي دلين ۾ سندن واسطي قياس وڌو.

47 اي خداوند اسان جا خدا! اسان کي بچاءِ. اسان کي ڌارين قومن مان ڪڍي پنهنجي وطن ۾ آڻي گڏ ڪر، تان‌تہ اسين تنهنجو شڪر ادا ڪندا رهون، ۽ تنهنجي نالي جي حمد وَ ثنا تي فخر پيا ڪريون.

48 شل خداوند، بني اسرائيل جو خدا، ازل کان ابد تائين سڳورو هجي، سڀيئي ماڻهو چون ”آمين.“ خداوند جي واکاڻ ڪريو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan