زبور 105 - Muslim Sindhi Bibleخداوند، پنهنجي واعدي جو سچو ( 1.تواريخ 16:8-22 ) 1 اوهين خداوند جو شڪر ڪريو ۽ سندس نالو پڪاريو. اوهين سندس ڪمن کي قومن منجھہ بيان ڪندا رهو. 2 اوهين انهيءَ جا گيت ڳائيندي سندس واکاڻ ڪريو. هن جيڪي عجيب ڪم ڪيا آهن تن سڀني جو ذڪر ڪريو. 3 اوهين هن جي پاڪ نالي تي فخر ڪندا رهو، ڀل تہ انهن سڀني جون دليون خوش ٿين، جيڪي خداوند جا طالبو آهن. 4 اوهين خداوند جا ۽ سندس قدرت جا طالبو رهو. اوهين سندس ديدار جي طلب رکندي هيڪل ۾ ايندا رهو. 5-6 اي اوهين! جيڪي انهيءَ جي بندي ابراهيم جو نسل آهيو، اوهين خدا جي انهن عجيب ڪمن کي ياد ڪريو، جيڪي هن ڪيا آهن. هائو، اوهين! جيڪي سندس چونڊيل يعقوب جو اولاد آهيو، اوهين هن جي معجزن ۽ سندس ٻڌايل فيصلن کي ياد رکو. 7 بيشڪ اهو ئي خداوند اسان جو خدا آهي. انهيءَ جا ئي فيصلا سڄي ڌرتيءَ تي رائج آهن. 8 هو ابد تائين پنهنجي عهد کي ياد رکڻ وارو آهي، يعني انهيءَ واعدي کي جيڪو هزار پيڙهين لاءِ هن فرمايو هو، 9 هائو، اهو ئي عهد جيڪو هن ابراهيم سان ٻڌو هو، هائو، اهو ئي قسم جيڪو هن اسحاق سان کنيو هو. 10 انهيءَ عهد کي هن يعقوب جي لاءِ قانونِ محڪم بڻايو، ۽ سندس اولاد لاءِ پڻ هن انهيءَ کي ابدي عهد قرار ڏنو، 11 جڏهن يعقوب کي فرمايائين تہ ”آءٌ تو کي ڪنعان جو ملڪ ڏيندس، تانتہ اهو ملڪ تنهنجي ميراث ٿئي.“ 12 انهيءَ وقت بني يعقوب بلڪل ئي ٿورا هئا، ۽ جنهن ملڪ ڪنعان ۾ هو رهيا ٿي تنهن ۾ ڌاريا هئا. 13 انهيءَ وقت هو هڪڙي قوم کان ٻيءَ قوم ڏانهن ڀٽڪندا رهندا هئا. هائو، اهي هڪڙي بادشاهت کان ٻيءَ ڏانهن پيا ڀٽڪندا هئا. 14 مگر خدا مٿن ڪنهن کي بہ ظلم ڪرڻ نہ ڏنو، بلڪ انهن جي خاطر هن بادشاهن کي بہ ڇينڀيو هو. 15 هن انهن کي تاڪيد ڪيو هو تہ ”هي منهنجا مسح ڪري مخصوص ڪيل نبي آهن، جن کي اوهين نڪي هٿ لايو، نہ وري ڪو نقصان رسايو.“ 16 پوءِ خداوند انهيءَ ملڪ تي ڏڪار نازل ڪيو هو، ۽ سڀني جي روزيءَ جو سهارو بلڪل ئي ٽوڙي ڇڏيائين. 17 هن انهيءَ کان اڳ يعقوب جي پٽ يوسف کي مصر موڪليو، جيڪو اتي غلاميءَ ۾ وڪاڻو هو. 18 کيس اها تڪليف پڻ ڏني ويئي جو سندس پيرن ۾ ٻيڙيون وڌيون ويون، ۽ ڪنڌ ۾ لوهہ جا زنجير وجھي کيس قابو ڪيو ويو. 19 يوسف تيستائين قيد ۾ رهيو، جيستائين سندس ڏٺل خواب پورو نہ ٿيو، هائو، جيستائين خداوند پنهنجي فرمان موجب کيس سچو ثابت نہ ڪيو. 20 اهو هن ريت ٿيو جو مصر جي بادشاهہ پاڻ ماڻهو موڪلي يوسف کي ڇڏايو. 21 پوءِ هن کيس پنهنجي محلات جو مختيار بڻائي رکيو، بلڪ کيس پنهنجي سڄي ملڪيت جو حاڪم مقرر ڪيائين، 22 تانتہ يوسف پنهنجي مرضيءَ موجب سندس اعليٰ عملدارن جي تربيت ڪري، ۽ دانائي سان سندس اميرن جي رهنمائي ڪري. 23 ان کان پوءِ يعقوب پنهنجي ڪٽنب سميت آيو، ۽ مصر ملڪ ۾ ڌارئي طور رهڻ لڳو. 24 خداوند کين وڌائي پنهنجي هڪ وڏي قوم بڻايو، ۽ کين سندن دشمنن کان بہ وڌيڪ زورآور ڪيائين. 25 پوءِ هن مصرين جي دلين کي ڦيريو، تانتہ اهي سندس انهيءَ قوم کان نفرت ڪن. هائو، جيئن مصري ماڻهو سندس ٻانهن سان دغابازي ڪن. 26 پوءِ هن پنهنجي بندي موسيٰ کي مصر ڏانهن موڪليو، ۽ هارون کي بہ چونڊي ساڻس گڏ موڪليائين. 27 هنن مصري ماڻهن منجھہ خداوند جا معجزا ڏيکاريا، هائو، سندن ملڪ ۾ عجيب وَ غريب ڪم ڏيکاريائون. 28 خدا اونداهيءَ کي موڪلي پورو ملڪ اونداهو ڪري ڇڏيو. پر تڏهن بہ مصرين سندس حڪم جي خلافورزي ڪئي. 29 تڏهن هن سندن ندين جو پاڻي رت ۾ بدلائي ڇڏيو، ۽ انهن ۾ موجود مڇيون ماري ڇڏيائين. 30 پوءِ خدا سندن سڄو ملڪ ڏيڏرن سان ڀري ڇڏيو، ايتري قدر جو اهي بادشاهن جي ڪمرن ۾ بہ گھڙي ويا. 31 وري جڏهن حڪم فرمايائين تہ بيشمار مکيون توڙي مَنهان مڇر اچي سندن ملڪ تي ڪڙڪيا. 32 هن برساتن جي بدران سندن سڄي ملڪ تي وِڄ جا شعلا نازل ڪيا ۽ مٿن خوب ڳڙا وسايائين، 33 جن سان سندن انگورن جا باغ، توڙي انجير جا وڻ برباد ڪري ڇڏيائين. سندن ملڪ ۾ جيڪي بہ وڻ هئا، تن سڀني کي هن ڀڃي ڪيرائي ڇڏيو. 34 وري جڏهن هن حڪم فرمايو تہ ايترا تہ مڪڙا آيا، جو انهن جو ڪو شمار ئي نہ هو. 35 انهن مصرين جي سمورن وڻن ۽ ٻوٽن کي ڳڙڪائي ڇڏيو، بلڪ سندن ٻنين جو سڄو ڦل کائي کپائي ڇڏيائون. 36 پوءِ هن مصرين جي سڀني پهريتن پٽن کي ماري ڇڏيو، هائو، اهي جيڪي سندن گھراڻي جا پڳدار پٽ هئا. 37 پوءِ خدا بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آيو، هو اتان سون ۽ چاندي بہ پاڻ سان کنيو آيا، سندن قبيلن مان ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي ڪا ٺوڪر بہ نہ پهتي. 38 جيئن تہ مصر وارا بني اسرائيل کان بيحد ڊڄڻ لڳا هئا، تنهنڪري سندن مصر مان نڪري وڃڻ تي اهي ڏاڍا خوش ٿيا. 39 خدا پنهنجي قوم تي ڇانوَ ڪرڻ لاءِ مٿن ڪڪر ڦهلايو، ۽ رات جي وقت روشنيءَ لاءِ باهہ جو ٿنڀو پڻ موڪليائين. 40 جڏهن هنن کاڌو گھريو تہ هنن ڏانهن ٻٽيرا موڪليائين، ۽ کين آسمان جي مانيءَ سان ڍءُ ڪرايائين. 41 هن ٽڪر کي چيريو تہ انهيءَ مان پاڻي وهي نڪتو، جيڪو رڻپٽ مان ندي بڻجي وهڻ لڳو. 42 اهو سڀ هن پنهنجي انهيءَ ذاتي واعدي موجب ڪيو، جيڪو پنهنجي بندي ابراهيم سان ڪيو هئائين. 43 خدا جڏهن پنهنجي چونڊيلن کي مصر مان ڪڍي ٿي آيو، تڏهن سندس اها قوم گيت ڳائيندي ۽ خوشيون ملهائيندي ٿي آئي. 44 هن ٻين قومن جا ملڪ سندن حوالي ڪري ڇڏيا، هائو، ٻين قومن جي محنت جو ڦل هن سندن جھوليءَ ۾ وڌو. 45 خدا هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن سندس قوم سندس قاعدن قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪري. خداوند جي واکاڻ ڪريو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society