Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 104 - Muslim Sindhi Bible


خالق جي ثنا

1 آءٌ دل وَ جان سان تو خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو. اي خداوند منهنجا خدا! تون بيحد عظيم آهين، عظمت ۽ حشمت تو کي لباس جيان پهريل آهن.

2 تو نور کي پنهنجي مٿان پوشاڪ وانگر پهريو آهي. تو آسمان کي ڇپر وانگر پکيڙي ڇڏيو آهي.

3 تو پنهنجي ماڙين کي آسمان تي تعمير ڪيو آهي. تون ڪڪرن کي پنهنجي سواري بڻائين ٿو، ۽ واءُ جي بازن تي پرواز ڪرين ٿو.

4 هوائن کي تون پنهنجو پيغام پهچائيندڙ ٿو بڻائين، ۽ وڄ جي تجلن کي پنهنجو خادم ٿو بڻائين.

5 تو ڌرتيءَ کي سندس بنيادن تي قائم ڪيو آهي، تان‌تہ انهيءَ کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو نہ اچي.

6 تو انهيءَ کي پوشاڪ وانگر سمنڊ سان ڍڪي ڇڏيو آهي، ايتري تائين جو پاڻي جبلن کان بہ مٿي بيٺو هو.

7 پر پوءِ جڏهن تو ان کي ڇينڀيو تہ اهو ڀڄي ويو. هائو، تنهنجي گجگوڙ ٻڌڻ سان پاڻي جلدي لهي ويو.

8 جبل ظاهر ٿي بيٺا ۽ پاڻي وادين منجھان وهي ويو، پوءِ اهو انهيءَ جاءِ تائين ويو، جيڪا تو هن واسطي مقرر ڪئي هئي.

9 تو پاڻيءَ لاءِ حد مقرر ڪئي آهي جيئن ان کان اڳتي نہ وڌي، تان‌تہ اهو ڌرتيءَ کي وري ڍڪي نہ ڇڏي.

10 تون ئي جبلن منجھہ چشما جاري ڪرين ٿو، جيڪي وادين مان برساتي نهرون بڻجي نڪرن ٿا.

11 اهي ئي سڀني جھنگلي جانورن کي پاڻي مهيا ڪن ٿا، جھنگلي گڏهہ بہ تن مان اچي اڃ لاهين ٿا.

12 انهن جي ڪنارن جي آس‌پاس پکي آکيرا ٺاهي ويهن ٿا، هائو، اهي ٽارين ۾ ويهي لاتيون ڪن ٿا.

13 تون پنهنجي عرش منجھان جبلن تي مينهن وسائين ٿو، تنهنجي قدرت سان زمين جھجھي پيداوار ڏئي ٿي.

14 تون ڍڳن لاءِ گاهہ اُپائين ٿو ۽ انسانن لاءِ اناج، تان‌تہ انسان زمين مان پنهنجي خوراڪ حاصل ڪن.

15 تون مئي کي پيدا ڪرين ٿو، جيڪا ماڻهن جي دل خوش ٿي ڪري، تون تيل کي پيدا ڪرين ٿو، جنهن سان هو پنهنجي چهري کي چمڪائين ٿا، ۽ تون انهن کي ماني ڏين ٿو جيڪا کين طاقت بخشي ٿي.

16 لبنان جي ديال وارن وڻن کي جھجھو پاڻي ملي ٿو. اهي وڻ خداوند جا آهن جيڪي هن ئي پوکيا آهن.

17 انهن وڻن ۾ پکي پنهنجا آکيرا ٺاهين ٿا، جڏهن تہ صنوبر جي وڻن ۾ لقلق پنهنجا گھر جوڙين ٿا.

18 وڏن وڏن جبلن تي جھنگلي ٻڪريون رهن ٿيون، ۽ ٽڪريون جھنگلي سهن جون جاءِ‌پناهہ آهن.

19 تو چنڊ بڻايو آهي تان‌تہ اهو موسمن جو نشان ٿئي. سج بہ پنهنجي لهڻ جي پوري وقت کان واقف آهي.

20 جڏهن تون اونداهي ٿو ڪرين تڏهن رات ٿي وڃي ٿي، انهيءَ مهل جھنگلي جانور پنهنجي ٿاڪن مان نڪرن ٿا.

21 جوان شينهن گجگوڙ ڪندي پنهنجي شڪار جي ڳولا ۾ نڪرن ٿا، هائو، خدا جي مقرر ڪيل پنهنجي خوراڪ کي ڳوليندا وتن ٿا.

22 پوءِ جيئن ئي سج ٿو اڀري تيئن ئي اُهي واپس موٽن ٿا، ۽ پنهنجين غارن ۾ وڃي سمهي رهن ٿا.

23 صبح ٿيڻ تي وري انسان اُٿي پنهنجي ڪم تي نڪرن ٿا، ۽ اهي سانجھيءَ تائين پنهنجي پورهئي ۾ لڳا رهن ٿا.

24 اي خداوند! تو پنهنجي ڏاهپ سان جيڪي شيون پيدا ڪيون آهن، سي ايتريون تہ گھڻيون آهن، جو سڄي ڌرتي تنهنجي مخلوق سان ڀرجي ويئي آهي.

25 ساڳيءَ طرح هي سمنڊ پڻ ڪيڏو نہ وڏو ۽ ويڪرو آهي! جنهن ۾ ننڍا وڏا بي‌شمار چرندڙ ڦرندڙ جاندار ملن ٿا.

26 انهيءَ منجھہ جهاز هلن ٿا، ۽ ازدها بلا بہ منجھس رهي ٿي، جنهن کي تو اتي کيڏڻ ڪُڏڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي.

27 پوري مخلوق کي تنهنجو ئي آسرو آهي، جو تون سندن ضرورت وقت کين کاڌو ڏئين ٿو.

28 تون سندن لاءِ جيڪي مقرر ڪرين ٿو، سو هو حاصل ڪن ٿا. هائو، جڏهن تون پنهنجي مُٺ کي کولين ٿو، تڏهن اهي چڱين شين سان ڍءُ ڪن ٿا.

29 پر جڏهن تون کانئن منهن موڙين ٿو، تڏهن اهي پريشان ٿي وڃن ٿا. جڏهن انهن جو ساهہ ڪڍين ٿو، تڏهن اهي مري وڃي مٽيءَ ۾ ٿا ملن.

30 جڏهن وري تون پاڻ وٽان ساهہ موڪلين ٿو، تڏهن ڌرتيءَ تي مخلوق پيدا ٿئي ٿي. ائين تون روءِزمين کي نئين سر آباد ڪندو رهين ٿو.

31 شال خداوند جي عظمت هميشہ هميشہ تائين رهي! شال خداوند پنهنجي انهن خلقيل شين کان خوش ٿئي!

32 هو جڏهن ڌرتيءَ ڏانهن نهاري ٿو تہ اها ڏڪيو ٿي وڃي. هو جڏهن جبلن کي ڇُهي ٿو تہ انهن مان بہ دونهون ٿو نڪري.

33 جيستائين آءٌ جيئرو رهندس خداوند جا گيت پيو ڳائيندس. جيستائين آءٌ حيات آهيان پنهنجي خدا جي واکاڻ پيو ڪندس.

34 شل منهنجا هي خيال کيس پسند اچن! ڇاڪاڻ تہ اهو خداوند ئي آهي جنهن کان مون کي خوشي ملي ٿي.

35 شل گنهگار ڌرتيءَ تان بلڪل فنا ٿي وڃن، ۽ بدڪار ڌرتيءَ تي باقي نہ رهن! آءٌ دل وَ جان سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو، ۽ انهيءَ کي سڳورو چوان ٿو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan