زبور 103 - Muslim Sindhi Bibleخداوند جا احسان (دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 آءٌ پنهنجي دل سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو، هائو، پنهنجي پوري دل وَ جان سان سندس پاڪ نالي جي واکاڻ ڪريان ٿو. 2 آءٌ پنهنجي دل سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو، آءٌ هن جي ڪنهن بہ احسان کي نہ ٿو وساريان. 3 هائو، هو ئي تہ آهي جيڪو منهنجا سمورا گناهہ معاف ٿو ڪري. هو ئي تہ آهي جيڪو منهنجي سمورن مرضن کان مون کي شفا ٿو ڏئي. 4 هو ئي مون کي پاتال ۾ ڪرڻ کان بچائي ٿو. هو ئي مون کي دائمي شفقت ۽ رحمت جو تاج پارائي ٿو. 5 هو ئي مون کي سڄي عمر دنيا جون سڀ چڱيون شيون عطا ڪري ٿو، تانتہ آءٌ نئين سر جوان ٿي طاقتور عقاب وانگر گذاريان. 6 خداوند سچائيءَ سان ڪم ڪندي سڀني مظلومن جي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو. 7 هن پنهنجين راهن کي موسيٰ آڏو ظاهر ڪيو، ۽ پنهنجي عجيب ڪمن کي بني اسرائيل آڏو پڌرو ڪيائين. 8 خداوند رحيم ۽ ڪريم آهي، هو ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ ٻاجھہ سان ڀرپور آهي. 9 هو قوم کي سدائين ڇينڀيندو ڪين رهندو، نڪي وري هو پنهنجي غصي کي هميشہ لاءِ جاري رکندو. 10 هو اسان جي ڪيل گناهن موجب اسان سان هلت نہ ٿو ڪري، نڪي وري اسان جي بڇڙاين مطابق اسان کي بدلو ڏئي ٿو. 11 جيترو آسمان زمين کان مٿي آهي، اوتري ئي انهن تي خداوند جي رحمت جھجھي آهي، جيڪي سندس خوف رکن ٿا. 12 جيترو اوڀر اولهہ کان پري آهي، اوترو ئي هو اسان جا گناهہ اسان کان پري ڪري ٿو. 13 جيئن ڪو پيءُ پنهنجي ٻارن جي مٿان ڪهل ڪري ٿو، تيئن ئي خداوند انهن تي ڪهل ڪري ٿو، جيڪي سندس خوف رکن ٿا. 14 هو ڄاڻي ٿو تہ اسين ڇا مان ٺهيل آهيون. هائو، کيس اهو ياد رهي ٿو تہ اسين رڳو خاڪ آهيون. 15 فاني انسان جي حياتي رڳو گاهہ مثل آهي، هائو، اها جھنگلي گل جيان ٿوري وقت لاءِ ٽِڙي ٿي. 16 جيئن ئي انهيءَ تي واءُ لڳي ٿو تہ اهو گم ٿيو وڃي، پوءِ وري انهيءَ جي پنهنجي جاءِ کي بہ انهيءَ جو پتو نہ ٿو پوي. 17 پر جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، تن تي ازل کان وٺي ابد تائين سندس رحمت وسي ٿي. هن جي ڀلائي سندن اولادن جي اولادن تي پڻ هلندي اچي ٿي، 18 يعني انهن سڀني تي جيڪي سندس عهد تي قائم رهن ٿا، جيڪي هن جي حڪمن تي دل وَ جان سان عمل ڪن ٿا. 19 خداوند پنهنجو تخت عرش عظيم تي قائم ڪيو آهي، هر شيءِ تي سندس ئي حڪومت هلي ٿي. 20 اي خداوند جا سگھارا فرشتؤ! خداوند جي واکاڻ ڪريو. هائو، اوهين جيڪي سندس هر حڪم جي بجاآوريءَ لاءِ هميشہ تيار رهو ٿا. 21 اي خداوند جي سموري آسماني مخلوق! هائو، اوهين سڀ جيڪي سندس خدمتگار آهيو، ۽ سندس مرضيءَ تي هلو ٿا، سي سڀيئي سندس واکاڻ ڪريو. 22 اي خداوند جي سڄي خلقت! انهيءَ جي واکاڻ ڪر، انهيءَ جي پوري بادشاهت ۾، هائو، هر هنڌ کيس سڳورو چئُہ. آءٌ بہ دل وَ جان سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society