زبور 101 - Muslim Sindhi Bibleبادشاهہ جو خدا سان واعدو (دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 آءٌ تنهنجي لافاني شفقت ۽ انصاف جا گيت ڳائيندس. اي خداوند! آءٌ تنهنجي ئي واکاڻ پيو ڪندس. 2 آءٌ دل وَ جان سان تنهنجي سنئين راهہ تي هلندس. تون ڪڏهن اچي منهنجي مدد ڪندين؟ آءٌ پنهنجي بادشاهت ۾ بلڪل سچيءَ دل سان هلندس. 3 آءٌ ڪنهن بہ بڇڙائيءَ کي برداشت نہ ڪندس. بلڪ جيڪي ڏنگيءَ راهہ تي هلن ٿا، تن جي ڪمن کان مون کي نفرت آهي. انهن ماڻهن سان منهنجو ڪوبہ لاڳاپو ڪونهي. 4 آءٌ ڪنهن سان ٺڳي نہ ڪندس، نڪي برائيءَ جي ڪنهن بہ ڪم کي ويجھو ويندس. 5 جيڪو پٺيءَ پويان ڪنهن ٻئي جون گلائون ٿو ڪري، تنهن کي آءٌ ماٺ ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ مغرور ماڻهوءَ جي برداشت نہ ڪندس. 6 منهنجيون اکيون ملڪ جي ايماندار ماڻهن تي کتل آهن، تانتہ اهي محل جي اندر مون سان گڏجي رهن. جيڪي سنئين راهہ تي ٿا هلن سي ئي منهنجي خدمت ڪندا. 7 جيڪي ٺڳي ڪن ٿا سي منهنجي گھر ۾ نہ رهندا. جيڪي ڪوڙ ڳالهائين ٿا سي منهنجي سامهون بيهي نہ سگھندا. 8 آءٌ روزانو ملڪ جي هر بڇڙي کي ناس پيو ڪندس. خداوند جي شهر مان آءٌ هر بدڪار کي برباد ڪري ڇڏيندس. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society