Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 10 - Muslim Sindhi Bible


انصاف لاءِ دعا

1 اي خداوند! تون ڇو پري ٿي بيٺو آهين؟ منهنجي مصيبت جي وقت تون مون کان منهن ڇو ٿو موڙين؟

2 بڇڙا پنهنجي مغروريءَ ۾ غريبن کي پيا آزارين. شل اُهي پاڻ ئي انهن رٿن ۾ ڦاسي پون جيڪي هو ٻين لاءِ ٿا رٿين.

3 بڇڙا پنهنجي نفساني خواهشن تي فخر ٿا ڪن. لالچي خداوند کي ڇڏي ٿا ڏين ۽ ان جي توهين ٿا ڪن.

4 بڇڙا غرور منجھان چون ٿا تہ ”خداوند انتقام نہ وٺندو،“ اهو سراسر سندن خيال آهي تہ ”خدا بلڪل ئي ڪين آهي.“

5 پوءِ بہ بڇڙا هر وقت سوڀارا ۽ بامراد ٿا رهن، تنهنجو انصاف هنن کي نظر ئي ڪونہ ٿو اچي. هو پنهنجي سڀني دشمنن کي حقير ٿا ڄاڻن.

6 هو پنهنجيءَ دل ۾ سمجھن ٿا تہ ”اسان کي ڪو لوڏو ڪين ايندو. سڀني پيڙهين تائين اسان تي ڪڏهن بہ مصيبت ڪانہ ايندي.“

7 انهن جو وات دغا، لعنت ۽ ظلم سان ڀريل آهي. هائو، سندن زبان تي هر دم ٺڳي ۽ برائي آهي.

8 هو ڳوٺن منجھہ ڳجھين جاين تي تاڙ ۾ ويهن ٿا، تان‌تہ انهن کي قتل ڪن جيڪي بي‌گناهہ آهن. هنن جون اکيون ڳجھيءَ طرح لاچارن کي پيون تاڙين.

9 جيئن ببر شينهن ڪنهن آڙ ۾ ڇَپُ هڻي ويهي ٿو، تيئن ئي هو پنهنجي ڳجھيءَ جاءِ ۾ لڪي ويهن ٿا. هائو، هو غريبن کي پڪڙڻ خاطر تاڙ ۾ ويهن ٿا. هو مسڪينن کي پنهنجيءَ ڄار ۾ ڦاسائي سوگھو ڪن ٿا.

10 اهي ظالم ڏاڍي زور زبردستيءَ سان لاچارن کي چيڀاٽيو ٿا ڇڏين، ۽ کين شڪست ڏيئي ڌرتيءَ تي ڪيرايو ٿا وجھن.

11 اهي بدڪار دل ۾ هيئن ٿا چون تہ ”خدا کي ڪو فڪر ئي ناهي، هن اکيون بند ڪيون آهن، سو اسان ڏانهن ڪين ٿو ڏسي.“

12 اي خداوند خدا! اُٿي کڙو ٿيءُ، ۽ بدڪارن تي پنهنجو هٿ بلند ڪر. جيڪي مسڪين ڏک ۾ آهن تن کي تون نہ وسارج.

13 اي خدا! ائين ڇو آهي جو بدڪار ماڻهو تنهنجي حقارت ٿا ڪن؟ ائين ڇو آهي جو هو پنهنجيءَ دل ۾ سمجھن ٿا تہ تون کانئن بدلو ڪين وٺندين؟

14 پر تون ئي تہ ڏسين ٿو پيو، هائو، جيڪي ڏک ۽ غم ۾ آهن تن تي تنهنجي نگاهہ آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون انهن جي مدد ڪرين. لاچار ۽ يتيم پاڻ کي تنهنجي حوالي ڪن ٿا، هنن جو مددگار تون ئي تہ آهين.

15 تون بڇڙن ۽ بدڪارن جو زور ڀڃي ڇڏ. سندن بڇڙائيءَ کي اهڙو نابود ڪري ڇڏ، جو اها وري ڳولي نہ لڀي.

16 اي خداوند! تون هميشہ هميشہ تائين بادشاهہ رهندين، مگر بت‌پرست قومون ڌرتيءَ تان نابود ٿي وينديون.

17 اي خداوند! تون نماڻن جون التجائون ٻڌين ٿو، ۽ ٻڌندو رهندين. تون ئي انهن جون دليون پختيون ڪندين.

18 مظلومن ۽ يتيمن جون دانهون ٻڌي، تون سندن اهڙو انصاف ڪندين، جو مٽيءَ مان ٺهيل ڪو انسان وري ڪنهن تي ظلم نہ ڪري.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan