زبور 1 - Muslim Sindhi Bibleحصو پهريون ( زبور 1–41 ) سچارن جي راهہ 1 سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي برن جي صلاح تي نہ ٿا هلن. هو گنهگارن جي راهہ تي قدم نہ ٿا رکن، نڪي اهي ڪڏهن ٽوڪبازن جي محفل منجھہ ويهن ٿا. 2 اُٽلندو هنن کي خداوند جي شريعت تي عمل ڪرڻ سان خوشي ملي ٿي. اهي ڏينهن توڙي رات سندس ئي شريعت تي ڌيان ٿا لڳائين. 3 اهي انهيءَ وڻ مثل آهن جيڪو نهر جي ڪپ تي لڳل هجي، جيڪو پنهنجي وقت تي ميوو ڏئي ٿو، ۽ جنهن جو پن بہ نہ ٿو ڪومائجي. بيشڪ هو جيڪي بہ ڪن ٿا تنهن ۾ ڪامياب ٿيندا. 4 پر بڇڙن جي حالت اهڙي ناهي، اهي بُهہ وانگر آهن جنهن کي واءُ اُڏائي کنيو وڃي. 5 بيشڪ بڇڙا ماڻهو عدالت ۾ بيهي ڪين سگھندا، نڪي گنهگارن کي سچارن جي محفل ۾ ڪا جاءِ ملندي. 6 سچارن جي راهہ جي خداوند پاڻ سنڀال ڪري ٿو، پر بڇڙا جنهن راهہ تي هلن ٿا سا برباديءَ ڏانهن ٿي وڃي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society