چوڻيون 9 - Muslim Sindhi Bibleڏاهپ جي دعوت 1 ڏاهپ پنهنجو گھر جوڙيو آهي، هن انهيءَ لاءِ ست ٿنڀا گھڙي کڙا ڪيا آهن. 2 هن دعوت لاءِ جانور ڪُهي تيار ڪيا آهن ۽ مئي ۾ مصالحا ملائي تيار ڪئي اٿس. هن پنهنجو دسترخانو بہ وڇايو آهي. 3 ڏاهپ پنهنجي ٻانهين کي موڪليو آهي تہ اهي شهر جي تمام مٿاهين جاين تان پڪاري دعوت ڏين تہ 4 ”اچو، اي بيسمجھہ انسانؤ! اچو.“ هائو، جن کي ڄاڻ ڪانهي تن کي سڏائي چوي ٿي تہ 5 ”اچو، منهنجي ماني اچي کائو ۽ منهنجي گڏايل مئي اچي پيئو. 6 جيڪڏهن اوهين زندگي چاهيو ٿا تہ پنهنجي اڻڄاڻائي ڇڏي ڏيو ۽ دانائيءَ واري رستي تي هلو. 7 جيڪڏهن اوهين هٺيلي ۽ بدڪار ماڻهوءَ کي تنبيهہ ڪري سڌارڻ جي ڪوشش ڪندا، تہ اوهان کي موٽ ۾ ذلت ۽ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿيندو. 8 سو ڪنهن هٺيلي ماڻهوءَ کي سڌارڻ جي ڪوشش نہ ڪريو، متان هو اوهان کان نفرت ڪرڻ لڳي. البت ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ کي اوهين تنبيهہ ڪندا تہ هو اوهان جي عزت ڪندو. 9 اوهين ڏاهي ماڻهوءَ کي نصيحت ڪندا تہ هو اڃا بہ وڌيڪ ڏاهو ٿيندو. سچي ماڻهوءَ کي سيکاريندا تہ سندس ڄاڻ اڃا وڌيڪ ٿيندي. 10 خداوند جو خوف ڏاهپ جو منڍ آهي، پاڪ خدا جي سڃاڻپ ئي سمجھہ آهي. 11 آءٌ ڏاهپ آهيان، جيڪڏهن اوهين منهنجي پيروي ڪندا تہ وڏي حياتي ماڻيندا. 12 جيڪڏهن اوهين ڏاها آهيو تہ انهيءَ جو اوهان کي ئي فائدو رسندو. پر جيڪڏهن اوهين هٺيلا آهيو تہ انهيءَ مان نقصان بہ اوهان جو ئي ٿيندو.“ بيوقوفيءَ جي دعوت 13 بيوقوفي هُل مچائيندڙ، بيسمجھہ ۽ بيشرم عورت مثل آهي. 14 هوءَ پنهنجي گھر جي ٻاهران ۽ شهر جي مٿاهين جاين تي ويهي ٿي رهي 15 تہ جيئن رستي تان هر ايندڙ ويندڙ کي سڏي چوي تہ 16 ”اچو، اي بيسمجھہ انسانؤ! مون ڏانهن اچو.“ هائو، جن کي سمجھہ ڪانهي تن کي هوءَ سڏي چوي ٿي تہ 17 ”لڪ ڇپ ۾ پيتو ويندڙ پاڻي وڌيڪ مٺو لڳي ٿو، ۽ جيڪو کاڌو لڪ چوريءَ ۾ کائجي ٿو، سو وڌيڪ لذيذ ٿئي ٿو.“ 18 پر انهيءَ جا شڪار ٿيل نہ ٿا ڄاڻين تہ جيڪي هن جي گھر ۾ وڃن ٿا، سي مريو وڃن، ۽ جيڪي اڳ ۾ سندس مهمان ٿيا هئا، سي قبر جي تري ۾ وڃي ڪريا آهن. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society