چوڻيون 31 - Muslim Sindhi Bibleبادشاهہ لاءِ مشورا 1 هي اهي اهم چوڻيون آهن، جيڪي بادشاهہ لموئيل کي سندس ماءُ چڱيءَ طرح سمجھايون. 2 اي منهنجا پٽ لموئيل! تون منهنجو سڪيلڌو پٽ آهين، ۽ باسون باسڻ کان پوءِ ڄائو آهين. هاڻي جيڪي ڪجھہ آءٌ تو کي چوان ٿي سو ڌيان ڏيئي ٻڌ. 3 تون عورتن جي پٺيان لڳي پنهنجي زندگي برباد نہ ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ رستي تي هلي ڪيترائي بادشاهہ ناس ٿي ويا آهن. 4 اي لموئيل! اهو بادشاهن جي شان وٽان ناهي تہ اهي شراب پيئن. هائو، نشيبازي حڪمرانن کي نہ ٿي جڳائي. 5 جڏهن اهي شراب پيئن ٿا تہ قاعدن قانونن کي وساري ٿا ڇڏين، ۽ پوءِ ڪنهن مظلوم سان ناانصافي ڪريو وجھن. 6 شراب ۽ نشي واريون شيون رڳو انهن لاءِ مناسب آهن، جيڪي مرڻ وارا آهن يا جيڪي پريشان حال آهن. 7 ڀلي تہ اهي پيئن تہ جيئن کين پنهنجي تڪليفن ۽ مصيبتن جو احساس نہ ٿئي. 8 تون لاچارن ۽ مسڪينن جو طرف کڻجانءِ، ۽ سندن حقن جي حفاظت ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ انهن جو بچائڻ وارو ڪوبہ ڪونهي. 9 خاموش نہ رهجانءِ ۽ سچائيءَ سان انصاف ڪجانءِ، هائو، غريبن ۽ محتاجن جي حقن جو خاص خيال رکجانءِ. قابل زال جي تعريف 10 ڪنهن قابل زال جو ملڻ ڪيڏو نہ مشڪل آهي! هائو، اها هيرن جواهرن کان بہ وڌيڪ املهہ آهي. 11 سندس مڙس جو مٿس پورو پورو اعتبار ٿئي ٿو، ۽ سندس مڙس جي ڪابہ گھرج باقي نہ ٿي رهي. 12 هوءَ هر وقت ساڻس چڱائي ٿي ڪري، مندائي هرگز نہ ٿي ڪري. 13 هوءَ اُن ۽ عمدي سڻيءَ جا ڪپڙا، خوشيءَ سان پنهنجي هٿن سان پاڻ ٺاهي ٿي. 14 جيئن واپاري جهاز پري پري کان سٺو سامان آڻيندا آهن، تيئن ئي هوءَ پنهنجي گھر لاءِ کاڌو خوراڪ آڻي ٿي. 15 هوءَ پرهہ ڦٽڻ کان اڳ ئي اُٿي کڙي ٿئي ٿي، تہ جيئن گھر جي ڀاتين لاءِ کاڌو تيار ڪري، ۽ ٻانهين کي پنهنجو پنهنجو ڪم ٻڌائي. 16 هوءَ سوچ ويچار ڪري ٻني خريد ڪري ٿي، ۽ پنهنجي هٿن جي ڪمائيءَ مان انگورن جو باغ لڳرائي ٿي. 17 هوءَ سخت محنت ڪندڙ، صحتمند ۽ جفاڪش ٿئي ٿي. 18 هوءَ ڄاڻي ٿي تہ جيڪا تجارت هوءَ ڪري ٿي سا ڪيتري قدر فائديمند آهي. رات جو دير تائين هوءَ پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهي ٿي. 19 هوءَ پنهنجي هٿن سان ڌاڳو ڪَتي ٿي، ۽ پنهنجي گھر لاءِ ڪپڙو اُڻي تيار ڪري ٿي. 20 هوءَ پنهنجو هٿ وڌائي غريبن ۽ محتاجن جي پوري پوري مدد ڪري ٿي. 21 هوءَ سخت سرديءَ کان بہ نہ ٿي گھٻرائي، ڇاڪاڻ تہ سندس گھر وارن کي گرم ڪپڙا پهريل رهن ٿا. 22 هوءَ پنهنجي گھر لاءِ رلهيون جوڙي ٿي، ۽ عمدي سڻيءَ ۽ واڱڻائي رنگ جا ڪپڙا پهريل رهي ٿي. 23 هن جو مڙس مقبول ۽ معزز اڳواڻ بڻجي ٿو وڃي. 24 هوءَ عمدي سڻيءَ جون چادرون ۽ ڪمربند ٺاهي ٿي، ۽ اهي واپارين کي وڪڻي ٿي. 25 هوءَ ڪردار جي مضبوط ۽ قابل احترام آهي، ۽ ايندڙ وقت لاءِ کيس ڪا ڳڻتي ڪانهي. 26 هوءَ ڏاهپ سان ڳالهائي ٿي ۽ سٺيون نصيحتون ڪري ٿي. 27 هوءَ پنهنجي ڪٽنب جي سٺي سار سنڀال ٿي ڪري، ۽ ڪڏهن بہ سُستي نہ ٿي ڪري. 28 هن جا ٻار سندس واکاڻ ٿا ڪن، ۽ سندس مڙس مٿس فخر ڪندي چويس ٿو تہ 29 ”گھڻيون ئي عورتون سٺيون زالون بہ آهن، پر تون سڀني کان گوءِ کڻي ويئي آهين.“ 30 سونهن ۽ مِٺو ڳالهائڻ بيبقا ۽ ٺڳيندڙ آهن، پر جيڪا عورت خداوند کان ڊڄي ٿي، تنهن جي تعريف ڪئي وڃي، 31 ۽ کيس سندس محنت جو اجر ڏنو وڃي. هوءَ هر ڪنهن جي نظر ۾ قابل احترام آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society