چوڻيون 29 - Muslim Sindhi Bible1 جيڪو بار بار تنبيهہ ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿو، تنهن تي اوچتو ئي آفت اچي ڪڙڪندي، ۽ سندس وري ڪو چاڙهو نہ چڙهندو. 2 جڏهن سچار قوم تي حڪمراني ٿا ڪن، تڏهن هر ڪو خوشيون ٿو ملهائي. مگر جڏهن ڪو بدڪار ماڻهو حاڪم ٿو ٿئي، تڏهن هر ڪو آهون ٿو ڀري. 3 جنهن کي ڏاهپ سان پيار آهي، تنهن جا والدين خوش ٿا ٿين، مگر جيڪو ڪسبياڻين سان صحبت ٿو رکي، سو پنهنجي والدين جو مال ملڪيت برباد ڪريو ڇڏي. 4 عادل حڪمران پنهنجي ملڪ کي قائم ٿو رکي، مگر جيڪو عوام کان ڳرا ٽيڪس ٿو اُڳاڙي، سو ملڪ کي تباهہ ڪريو ڇڏي. 5 جيڪو ماڻهو ٻين جي اجائي خوشامند ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ انهن لاءِ هڪڙو ڦندو ٿو اڏي. 6 بدڪار ماڻهو پنهنجن ئي گناهن ۾ ڦاسي پوندا، مگر سنئين راهہ تي هلڻ وارا گيت ڳائي خوشيون ملهائيندا. 7 سچار ماڻهو غريبن جي حقن جو خيال ٿا رکن، مگر بدڪار ماڻهو انهن جي حقن ڏانهن ڪو ڌيان نہ ٿا ڏين. 8 ڏاهپ تي کل ٺٺوليون ڪندڙ سڄي شهر ۾ فتنا فساد ڪرايو وجھن. مگر ڏاهپ سان فتنن فسادن تي ضابطو آڻي ٿو سگھجي. 9 جيڪڏهن ڪو عقلمند ڪنهن بيوقوف سان بحث ٿو ڪري، پوءِ هو ڪاوڙيل رهي يا کِلي، مگر کيس سڪون ڪونہ ملندو. 10 خوني ماڻهو ايماندارن کان نفرت ٿا ڪن، مگر سچار انهن ايماندارن جي جان بچائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. 11 بيعقل ماڻهو کُليو کُلايو پنهنجي ڪاوڙ ظاهر ڪريو وجھن، مگر ڏاها ماڻهو صبر ڪندي ڪاوڙ کي پي ٿا وڃن. 12 جتي حڪمران ڪوڙين ڳالهين تي ڌيان ٿا ڏين، اتي سندن سڀ خدمتگار بدڪار هوندا آهن. 13 خداوند سڀني کي زندگي عطا ڪري ٿو، انهيءَ ڳالهہ ۾ مظلوم ۽ ظالم ماڻهو هڪجهڙا آهن. 14 جيڪو بادشاهہ ايمانداريءَ سان غريبن جو انصاف ڪري ٿو، تنهن جو تخت قائم وَ دائم رهي ٿو. 15 مار ڏيڻ ۽ ڇينڀڻ ٻارن کي ڏاهپ ٿو سيکاري، مگر جيڪي ٻار پنهنجي منهن ڇڏيا ٿا وڃن، سي پنهنجي والدين لاءِ شرمندگيءَ جو سبب ٿا بڻجن. 16 جڏهن ڏنگا ماڻهو طاقت ۾ اچي وڃن ٿا، تڏهن ڏوهہ وڌي وڃن ٿا. تنهن هوندي بہ سچار ماڻهو هڪڙي ڏينهن انهن جي تباهي ڏسندا. 17 اي والدين! پنهنجي ٻارن جي صحيح نموني تربيت ڪريو، تہ اهي اوهان کي ڪڏهن بہ پريشان نہ ڪندا. بلڪ انهن جي ڪري اوهان کي دلي سڪون ملندو. 18 خدا جي رهنمائيءَ کان سواءِ ماڻهو بيلغام ٿيو وڃن، مگر سڀاڳا آهن اهي جيڪي شريعت تي عمل ٿا ڪن. 19 رڳو ڳالهائڻ وسيلي اوهين پنهنجي نوڪرن کي ڪين سڌاري سگھندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا لفظ تہ ٻڌندا پر ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏيندا. 20 بغير سوچڻ سمجھڻ جي ڳالهائڻ واري کان جاهل ۾ وڌيڪ اميد آهي. 21 جيڪو ماڻهو پنهنجي نوڪر جا ننڍي هوندي کان ئي ناز برداشت ڪري ٿو، سو هڪڙي ڏينهن مصيبت ۾ پئجي ويندو. 22 جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، هائو، غصيلو انسان گناهن مٿان گناهہ ڪريو وجھي. 23 ماڻهوءَ جي مغروري نيٺ کيس نيچو ڪريو ڇڏي. مگر جيڪو نهٺو آهي سو ضرور عزت حاصل ڪري ٿو. 24 جيڪو چور سان دوستي ٿو رکي، سو پاڻ پنهنجي جان جو دشمن ٿو بڻجي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن هو قسم کڻي ڪا شاهدي ٿو ڏئي تڏهن هو سچ نہ ڳالهائي ڪري پاڻ تي ملامت ٿو آڻي. 25 بزدلي ماڻهوءَ کي مشڪلاتن ۾ ڦاسايو ڇڏي، مگر خداوند تي توڪل رکڻ وارو سلامت رهي ٿو. 26 گھڻا ماڻهو حاڪم جي مهربانيءَ جي طلب ۾ ٿا رهن، مگر انسان کي انصاف خداوند وٽان ئي ملي ٿو. 27 سچار کي بدڪار کان ۽ بدڪار کي سچار کان نفرت آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society