چوڻيون 23 - Muslim Sindhi Bible(ڇهون قول) 1 جڏهن اوهان کي ڪنهن حاڪم سان گڏجي ويهي ماني کائڻ جو موقعو ملي، تڏهن اوهين سندس آڏو بهترين نمونو اختيار ڪريو. 2 جيڪڏهن اوهين گھڻو کاڌو کائيندڙ هجو، تڏهن بہ پنهنجو پاڻ کي قابوءَ ۾ رکو. 3 اوهين سندس دسترخوان تي پيش ڪيل لذيذ طعامن جا لالچي نہ بڻجو، متان هو اوهان کي آزمائڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. (ستون قول) 4 دولتمند بڻجڻ لاءِ پاڻ کي پريشان نہ ڪريو، اهڙيءَ سوچ کان پنهنجو پاڻ کي باز رکو. 5 دولت هڪڙي اهڙي شيءِ آهي، جيڪا ڏسندي ڏسندي ائين اڏاميو وڃي، جيئن ڪو پکي اڏامي هليو ٿو وڃي. (اٺون قول) 6 اوهين ڪنهن ڪنجوس ماڻهوءَ جي ماني نہ کائو، هائو، سندس لذيذ طعامن جي خواهش نہ ڪريو. 7 انهيءَ سبب جو اهڙي قسم جا ماڻهو اها ڳالهہ ڌيان ۾ رکندا آهن تہ ڪيترو گھڻو کاڌو ويو. هو زبان سان تہ چوندا آهن تہ ”کائو، جيترو وڻيوَ کائو پيئو.“ پر هو ائين چاهيندا نہ آهن. 8 پوءِ جڏهن هن جي سوچ جي اوهان کي خبر پوندي، تڏهن اوهان جيڪو کاڌو کاڌو هوندو سو الٽي ڪري ڪڍندا، ۽ اوهان جون مهربانيءَ واريون ڪيل ڳالهيون ضايع ٿي وينديون. (نائون قول) 9 بيوقوفن آڏو ڏاهپ واريون ڳالهيون نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن جو ڪو قدر نہ ڪندا. (ڏهون قول) 10 موروثي زمينن جي حدن جي نشانن کي هيڏي هوڏي نہ سوريو، نڪي يتيمن جي ٻنيءَ سان هٿ چراند ڪريو. 11 قادرِمطلق خداوند سندن محافظ آهي، هو پاڻ اوهان جي خلاف انهن جي طرفداري ڪندو. (يارهون قول) 12 نصيحت ڪرڻ واري جي ڳالهين تي ڌيان ڏيو، ۽ سکڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪريو. (ٻارهون قول) 13 ٻارن جي تربيت ۾ ڪا ڪوتاهي نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اوهين کين مار ڏيندا تہ اهي ڪو مري ڪين ويندا. 14 بلڪ اوهان جي مار ڏيڻ سان اوهان جي ٻارن جون حياتيون بچي وينديون. (تيرهون قول) 15 اي منهنجا ٻارؤ! جيڪڏهن اوهين عقلمند ٿيندا، تہ مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي. 16 هائو، تڏهن آءٌ بيحد خوش ٿيندس، جڏهن اوهان جي زبان تي حق سچ جون ڳالهيون هونديون. (چوڏهون قول) 17 گنهگارن کي ڏسي مٿن ريس نہ ڪريو، بلڪ هميشہ خداوند کان ڊڄندا رهو. 18 يقين ڄاڻو تہ اوهان کي انهيءَ جو اجر ضرور ملندو، ۽ اوهين نااميد نہ ٿيندا. (پندرهون قول) 19 اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو، اوهين ڏاها ٿيو ۽ سوچي سمجھي سڌي راهہ اختيار ڪريو. 20 اوهين شراب خورن مان نہ ٿيو، نڪي پيٽ جي پوڄارين مان. 21 شراب خور ۽ پيٽوڙي آخرڪار ڪنگال ٿي ويندا آهن، ۽ سندن مدهوشيءَ جي ڪري کين ڦاٽل ڪپڙا پهريل هوندا آهن. (سورهون قول) 22 جن والدين مان اوهين ڄاوا آهيو، تن جي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو ۽ کين سندن ٻڍاپي ۾ نہ ڌڪاريو. 23 سچائي، ڏاهپ، سکيا ۽ سمجھہ ملهہ ڏيئي بہ خريد ڪرڻ گھرجي، انهن کي اوهين پاڻ کان هرگز جدا نہ ڪريو. 24 سچار ماڻهوءَ جي والدين کي حقيقي خوشي حاصل ٿئي ٿي، بلڪ اهي پنهنجي سمجھہ وارن ٻارن تي فخر ٿا ڪن. 25 سو پنهنجي والدين کي هميشہ خوش رکو، خاص طور پنهنجي ماءُ کي جنهن اوهان کي ڄڻيو آهي. (سترهون قول) 26 اي منهنجا ٻارؤ! مون ڏانهن پورو پورو ڌيان ڏيو، ۽ دل وَ جان سان منهنجي نقشِقدم تي هلو. 27 ياد رکو، بدڪار عورت هڪڙي اونهي کڏ مثل آهي. هائو، ڪسبياڻي هڪ سوڙهي کوهيءَ مثل آهي. 28 اهڙيون عورتون ڦورن جي ٽولي وانگر حملي ڪرڻ لاءِ ڇپ ماري ٿيون ويهن، ۽ پرڻيل مردن ۾ بيوفائيءَ جو تعداد وڌائين ٿيون. (ارڙهون قول) 29 ڪير هميشہ مشڪلاتن ۾ آهي؟ ڪير ڏک ۾ ٿو گذاري؟ ڪير جھيڙا جھڳڙا ٿو ڪري؟ ڪير شڪايتون ٿو ڪري؟ ڪنهن کي اجايا زخم رسيا آهن؟ ڪنهن جون اکيون رت جهڙيون لال آهن؟ 30 اُهي ئي جيڪي گھڻو وقت شراب پيئندي ٿا گذارين. هائو، اُهي ئي جيڪي مختلف شرابن جي ڳولا ۾ ٿا رهن. 31 جڏهن مئي ڳاڙهي لال هجي، ۽ جڏهن پيالي ۾ انهيءَ جو رنگ چمڪڻ لڳي، تڏهن انهيءَ کي ڏسي هرگز نہ هرکو، ڇاڪاڻ تہ اهو مزي سان نڙيءَ مان تہ لهي ٿو وڃي، 32 پر پوءِ اهو نانگ وانگر ڏنگي ٿو رکي. هائو، ڪاريهر نانگ جي زهر وانگر سڄي جسم ۾ پکڙجي وڃي ٿو. 33 تڏهن ماڻهو عجيب وَ غريب شيون ڏسڻ لڳي ٿو، ۽ سندس وات مان ابتيون سبتيون ڳالهيون ٿيون نڪرن. 34 تڏهن اهو پاڻ کي ائين لڏندو لمندو محسوس ٿو ڪري، جيئن ڄڻ ڪو طوفان ۾ وڪوڙيل ٻيڙيءَ ۾ ليٽيل هجي. 35 هن کي جيڪڏهن ڪي رهڙا بہ اچن ٿا، پر کيس اهو معلوم ئي نہ ٿو ٿئي تہ ساڻس ڇا وهيو واپريو آهي. تڏهن هو ليٽيندي ئي پاڻ کان پڇي ٿو تہ ”ڇا مون کي ڪنهن مار ڏني آهي؟ پر مون کي خبر نہ آهي. ڪاش! آءٌ جاڳي پوان تہ جيئن ڪجھہ وڌيڪ شراب پيئان.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society