Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

چوڻيون 13 - Muslim Sindhi Bible

1 سمجھہ وارا ٻار تہ پنهنجي والدين جي تربيت تي عمل ٿا ڪن، مگر هٺيلا ڪنهن جي تنبيهہ تي بہ ڪو ڌيان نہ ٿا ڏين.

2 نيڪ ماڻهو پنهنجي سچائيءَ جي ڳالهين جو ڦل کائين ٿا، مگر دغاباز ماڻهو ٻين تي ظلم ڪرڻ سان بہ نہ ٿا ڀرجن.

3 جيڪو پنهنجي زبان کي قابوءَ ۾ ٿو رکي، سو پنهنجي جان جي حفاظت ٿو ڪري. مگر جيڪو زبان کي قابوءَ ۾ رکي نہ ٿو سگھي، سو پنهنجو پاڻ کي برباد ڪريو ڇڏي.

4 سُست ماڻهو خواهش تہ ڪري ٿو، پر حاصل ڪجھہ بہ نہ ٿو ٿئيس، جڏهن تہ محنت ماڻهوءَ کي خوشحال ڪريو ڇڏي.

5 سچار ماڻهو ڪوڙ کان نفرت ٿو ڪري، مگر بدڪار ماڻهو پنهنجي ڳالهين جي ڪري نفرت جوڳو ۽ خوار خراب ٿو ٿئي.

6 نيڪ انسان سچائيءَ جي ڪري محفوظ رهندا، مگر گنهگار انسان بدڪاريءَ جي ڪري برباد ٿي ويندا.

7 ڪنهن ماڻهوءَ وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي، تہ بہ هو پاڻ کي دولتمند ٿو سڏائي. مگر ڪنهن وٽ تہ بي‌انداز دولت آهي، تہ بہ پاڻ کي غريب ٿو چوي.

8 دولتمند پنهنجي دولت جي عيوض دشمنن کان پنهنجي جان ٿو ڇڏائي، مگر غريب ماڻهوءَ کي اهڙو ڪوبہ ڊپ ناهي.

9 سچار ماڻهو روشن ۽ چمڪندڙ ڏيئي مثل آهن، مگر بدڪار ماڻهو وسامندڙ ڏيئي جيان آهن.

10 تڪبر وارو صلاح مصلحت تي ڌيان نہ ڏيئي مصيبتن ۾ ڦاسيو وڃي، مگر صلاح مصلحت سان هلڻ ۾ ئي دانائي آهي.

11 غلط طريقن سان حاصل ڪيل دولت جلد ئي ويندي رهي ٿي، مگر جيڪو پورهئي وسيلي ٿورو ٿورو ڪري گڏ ٿو ڪري، تنهن جي دولت وڌندي رهي ٿي.

12 اميد پوري ٿيڻ ۾ دير ٿيڻ ڪري دل ٽٽي پوي ٿي، مگر جڏهن مراد پوري ٿئي ٿي، تڏهن دل خوشين سان ڀرجيو وڃي.

13 جيڪو ڏاهن جي نصيحتن کي حقير ٿو ڄاڻي، سو نقصان ۾ ٿو وڃي، مگر جيڪو انهن کي مڃي مٿن عمل ٿو ڪري، سو فائدي ۾ ٿو وڃي.

14 جيئن چشمي مان پاڻي ٿو حاصل ٿئي، تيئن ڏاهي ماڻهوءَ جي نصيحت مان زندگي حاصل ٿئي ٿي. هائو، انهيءَ جي وسيلي ماڻهو موت جي ڦندن کان بچي ٿو وڃي.

15 گھڻي سمجھہ انسان کي ٻين ۾ عزت وارو ٿي بڻائي، مگر دغابازن واري راهہ ۾ تباهي وَ بربادي آهي.

16 عقلمند ماڻهو ڪوبہ ڪم ڪرڻ کان اڳ سوچ ويچار ڪندا آهن، مگر بي‌وقوف ماڻهو پنهنجي جهالت جو اشتهار بڻجيو وڃن.

17 بي‌ايمان قاصد مصيبت جو باعث ٿو بڻجي، مگر ايماندار ايلچي امن وَ سلامتي ٿو آڻي.

18 جيڪو نصيحت نہ ٿو مڃي، تنهن کي غربت ۽ خواري حاصل ٿيندي. مگر جيڪو تنبيهہ تي ڌيان ٿو ڏئي، سو عزت حاصل ڪندو.

19 جڏهن دل جي مراد پوري ٿي ٿئي، تڏهن ڪيڏي نہ خوشي ٿي ٿئي! بدڪاريءَ کان دور رهڻ کان بي‌عقل ماڻهو نفرت ٿا ڪن.

20 ڏاهن سان گڏ رهڻ سان ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي، جڏهن تہ بي‌وقوفن جي صحبت جو برو نتيجو نڪري ٿو.

21 گنهگار ماڻهو جيڏانهن بہ ويندو، مصيبت سندس پٺيان هوندي. مگر سچارن کي چڱو اجر ملندو.

22 نيڪ ماڻهو پنهنجي پيڙهين لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو، مگر گنهگارن جي ميڙيل دولت سچارن جي حوالي ڪئي ٿي وڃي.

23 محنت سان ٻنين ۾ جھجھا فصل پيدا ٿين ٿا، مگر ناانصافيءَ سان مال ملڪيت بہ کسجي ٿي وڃي.

24 جيڪو پنهنجي ٻار تي لڪڻ نہ ٿو کڻي، سو ڄڻ پنهنجي ٻار کان نفرت ٿو ڪري. مگر جنهن کي پنهنجي ٻار سان محبت آهي، سو انهيءَ کي بروقت سيکت ٿو ڏئي.

25 سچار ماڻهو جيترو بہ کائي ٿو تہ سندس ڍءُ ٿيو وڃي، جڏهن تہ بدڪار ماڻهو ڪيترو بہ کائي پر سدائين بکيو ٿو رهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan