چوڻيون 11 - Muslim Sindhi Bible1 ماپ تور ۾ بيايمانيءَ کان خداوند کي نفرت آهي، مگر صحيح تور کي هو پسند ٿو فرمائي. 2 جتي هٺ آهي، اتي خواري اچيو پهچي. جتي ڏاهپ آهي، اتي نماڻائي ديرو ڄمائي ٿي. 3 سچارن جي سچائي سندن رهنمائي ڪري ٿي، مگر دغابازن جي دغا ئي کين برباد ڪريو ڇڏي. 4 خدا جي سزا کان دولت نہ بچائي سگھندي، مگر ايمانداري ئي بچائي سگھندي. 5 نيڪ ماڻهن جي ايمانداري سڌي راهہ ڏيکاري ٿي، مگر بدڪار ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري برباديءَ جي کڏ ۾ وڃيو ڪرن. 6 ايماندار ماڻهن جي سچائي کين ڇڏايو وٺي، مگر بدڪار ماڻهو پنهنجي ئي بدنيتيءَ ۾ پاڻ ڦاسيو پون. 7 بدڪار ماڻهوءَ جو موت، ساڻس گڏ سڀ اميدون خاڪ ۾ ملايو ڇڏي، خاص طور اهي اميدون جيڪي کيس دولتمنديءَ ۾ آهن. 8 سچارن کي خداوند مصيبتن مان بچائي وٺي ٿو، مگر بدڪارن تي مصيبتون اچيو ڪڙڪن. 9 جيڪو خدا تي ايمان نہ ٿو رکي سو پنهنجي بڪواس سان پنهنجي پاڙيسريءَ کي برباد ٿو ڪري، مگر سچار ماڻهو ڏاهپ وارين ڳالهين سان پنهنجي پاڙيسريءَ جي حفاظت ٿو ڪري. 10 سچارن جي خوشحاليءَ تي پورو شهر خوش ٿو ٿئي، جڏهن تہ بدڪارن جي موت تي خوشيون ملهايون ٿيون وڃن. 11 سچارن کي جڏهن خدا برڪت ڏئي ٿو تہ شهر جي ترقي ٿئي ٿي، مگر بدڪارن جي ڳالهين جي ڪري اهو شهر برباد ٿيو وڃي. 12 اهو ماڻهو بيعقل آهي، جيڪو ٻين بابت گھٽ وڌ ٿو ڳالهائي، مگر سمجھہ وارو ماڻهو ماٺ ۾ ٿو گذاري. 13 چغلخور تي رازداريءَ جو ڀروسو نہ ٿو ڪري سگھجي، مگر جيڪو ايماندار ماڻهو آهي سو ئي رازدار ٿي سگھي ٿو. 14 ڏاهن اڳواڻن نہ هجڻ ڪري قوم تباهہ ٿيو وڃي، مگر صلاح مصلحت ڪندڙن جي گھڻائيءَ ۾ ئي قوم جي سلامتي آهي. 15 ڪنهن اڻواقف جي قرض جو ضامن پوڻ پنهنجو پاڻ کي تڪليف ۾ وجھڻ آهي. مگر ضمانت کان پاسو ڪرڻ وارو امن ۽ سڪون سان ٿو رهي. 16 مرد محنت سان دولت حاصل ڪري ٿو، مگر عورت سيرت سان عزت حاصل ڪري ٿي. 17 رحمدل ماڻهو پنهنجو پاڻ سان ڀلائي ٿو ڪري، مگر ظالم ماڻهو پنهنجو پاڻ کي نقصان ٿو پهچائي. 18 بدڪار ماڻهو حقيقت ۾ ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿا ڪن، مگر نيڪي ڪندڙن کي انهيءَ جو اجر ضرور ملي ٿو. 19 سچائيءَ تي قائم رهڻ وارو زندگي حاصل ٿو ڪري، مگر بڇڙائيءَ جي راهہ تي هلڻ وارو خود پنهنجي موت کي ٿو ويجھو وڃي. 20 بڇڙائيءَ واري سوچ رکندڙن کان خداوند نفرت ٿو ڪري، مگر جيڪي نيڪيءَ جي رستي تي ٿا هلن، تن سان هو پيار ٿو ڪري. 21 يقيناً بدڪار ماڻهو سزا کان بچي نہ سگھندا، مگر سچار ماڻهو ضرور بچايا ويندا. 22 بيوقوف عورت جي خوبصورتي اهڙي ئي بيڪار آهي، جهڙي ڪنهن سوئرڻيءَ جي نڪ ۾ سوني نٿ پيل هجي. 23 سچارن جي خواهش جو نتيجو ڀلائي آهي، مگر بدڪارن جي خواهش جو نتيجو خدا جو غضب آهي. 24 ڪو تہ پئسا پاڻيءَ وانگر ٿو وهائي، تہ بہ وڃي ترقي ڪندو، ۽ ڪو وري حد کان وڌيڪ ڪنجوسي ٿو ڪري، تہ بہ وڃي ڪنگال ٿيندو. 25 بيشڪ جيڪو ٻين کي سخاوت سان ٿو ڏئي، سو خوشحال رهندو، ۽ جيڪو ٻين جي مدد ٿو ڪري، تنهن جي مدد ڪئي ويندي. 26 جيڪو اناج لڪائي مهانگو ڪري ٿو وڪڻي، تنهن کي ماڻهو پٽ پاراتا ڏيندا. مگر جيڪو اهو مناسب قيمت تي وڪڻي ٿو، تنهن کي ماڻهو دعائون ڪندا. 27 جيڪو دل سان نيڪي ڪندو ٿو رهي، تنهن کي عزت ۽ شهرت ملندي. مگر جيڪو بدڪاري ڪندو ٿو رهي، تنهن مٿان بدڪاري ئي اچي ڪڙڪندي. 28 جيڪي پنهنجي دولت تي ڀروسو ٿا رکن، سي خزان ۾ ڇڻندڙ پنن جيان ڪومائجي ڪرندا. مگر سچار ماڻهو بهار جي پنن جيان سرسبز وَ شاداب رهندا. 29 جيڪو ماڻهو پنهنجي گھراڻي کي تڪليف ۾ ٿو وجھي، تنهن کي ورثي ۾ ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿيندو. بيوقوف ماڻهو عقلمندن جا هميشہ غلام ٿي رهندا. 30 جيئن چڱا ميوا ڦلدار وڻ مان ملندا آهن، تيئن نيڪ ماڻهن جا عمل زندگي بخشين ٿا، مگر بڇڙائي حياتيون برباد ڪريو ڇڏي. 31 هاڻ جڏهن تہ سچار کي بہ هن دنيا ۾ ئي بدلو ڏنو ٿو وڃي، تہ پوءِ بدڪار ۽ گنهگار هن دنيا ۾ جوڳي سزا کان ڪيئن ٿا بچي سگھن؟ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society