چوڻيون 10 - Muslim Sindhi Bibleبادشاهہ سليمان جون ڏاهپ واريون چوڻيون 1 هي سليمان جون چوڻيون آهن. داناءَ ٻار پنهنجي والدين جي خوشيءَ جو سبب ٿا بڻجن، مگر نادان ٻار سندن ڏک جو باعث بڻجن ٿا. 2 بيايمانيءَ وسيلي گڏ ڪيل دولت مان ڪو فائدو ڪونهي، مگر ايمانداري موت کان بچائي سگھي ٿي. 3 خداوند سچارن کي ڪڏهن بکيو نہ ٿو رکي، مگر بدڪارن جي خواهش کي پورو نہ ٿو ڪري. 4 سُستي انسان کي غربت ڏانهن وٺيو وڃي، مگر محنت انسان کي دولتمند بڻايو ڇڏي. 5 جيڪو وقت تي فصل ميڙي گڏ ڪري ٿو رکي سو ڏاهو آهي، مگر جيڪو انهيءَ وقت سمهي ننڊون ٿو ڪري، سو خوار خراب ٿو ٿئي. 6 سچار ماڻهوءَ جي هر ڪو واکاڻ ٿو ڪري. بدڪار بہ پنهنجي زبان سان تہ سندس واکاڻ ڪن ٿا، پر سندن دل ۾ بڇڙائي آهي. 7 نيڪ ماڻهوءَ جي نالي جو اثر مرڻ کان پوءِ بہ قائم ٿو رهي، مگر بدڪارن جو نالو جلد ميسارجي ٿو وڃي. 8 ڏاها ماڻهو سٺي صلاح ٻڌي اها مڃين ٿا، مگر بڪواسي بيوقوف ڌيان نہ ڏيئي ڪري پاڻ کي برباد ڪريو ڇڏين. 9 جيڪو ماڻهو هميشہ ايمانداريءَ سان ٿو هلي، سو سلامتيءَ سان ٿو رهي، مگر جيڪو بيايماني ٿو ڪري سو نيٺ پڪڙ ۾ ٿو اچي. 10 جيڪو حقيقت کي لڪائي ٿو، سو ٻين لاءِ تڪليف جو باعث ٿو بڻجي، مگر جيڪو کُليو کُلايو سچ ٿو چئي ڏئي، سو ٻين لاءِ سلامتيءَ جو سبب ٿو بڻجي. 11 سچار ماڻهوءَ جي ڳالهين ۾ حياتيءَ جو چشمو آهي، مگر بدڪارن جي ڳالهين ۾ بڇڙائي سمايل آهي. 12 نفرت جھيڙا جھڳڙا پيدا ٿي ڪري، مگر محبت سڀني خطائن کي ڍڪي ٿي ڇڏي. 13 عقلمند جي واتان ڏاهپ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن، مگر بيعقل جون ڳالهيون سندس پٺيءَ تي لڪڻ ٿيون وساين. 14 عقلمند ماڻهو ڄاڻ حاصل ڪندو ٿو رهي، مگر بڪواسي بيعقل ڌيان نہ ڏيئي ڪري پاڻ کي تباهہ ڪريو ڇڏي. 15 دولت شاهوڪار لاءِ هڪ مضبوط قلعي مثل آهي، مگر غربت غريبن کي ناس ڪريو ڇڏي. 16 نيڪيءَ سان گذارڻ جو انعام بهتر زندگي آهي، مگر بڇڙائيءَ سان گذارڻ جو انعام وڌيڪ گناهن ۾ غرق ٿيڻ آهي. 17 جيڪو سيکت تي عمل ٿو ڪري، سو بهتر زندگي ٿو گذاري. مگر جيڪو سيکت کي رد ٿو ڪري، سو گمراهہ ٿي وڃي ٿو. 18 جيڪو پنهنجي نفرت کي لڪائي ٿو، سو ڪوڙو ماڻهو آهي، ۽ جيڪو گلا غيبت ٿو ڪري سو بيوقوف آهي. 19 گھڻي ڳالهائڻ سان انسان غلط ڳالهايو وجھي، تنهنڪري زبان تي ضابطو رکڻ عقلمندي آهي. 20 سچار ماڻهوءَ جون ڳالهيون خالص چانديءَ مثل آهن، مگر بدڪار ماڻهوءَ جي سوچ ڪين جهڙي آهي. 21 سچار ماڻهوءَ جي ڳالهين مان گھڻا ئي فائدو حاصل ڪن ٿا، مگر بيوقوف ماڻهوءَ جون ڳالهيون ئي کيس وقت کان اڳي ماريو ڇڏين. 22 گھڻي محنت سان دولتمند ٿي نہ ٿو سگھجي، خداوند جي برڪت ئي دولتمند بڻائي ٿي. 23 بيعقل کي بدڪاريءَ مان مزو ٿو اچي، مگر سمجھہ وارو ڏاهپ مان لطف حاصل ٿو ڪري. 24 سچارن کي سندن خواهش موجب ئي نوازيو ويندو، مگر بدڪار جنهن ڳالهہ کان ڊڄن ٿا سا ئي مٿن اچي پوندي. 25 مصيبت جي وقت بدڪار ماڻهو ائين فنا ٿي ويندا، جيئن واچوڙو شين کي اڏائي گم ڪريو ڇڏي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي جاءِ تي هميشہ قائم وَ دائم رهندا. 26 جهڙيءَ طرح سرڪو ڏندن ۾ ۽ دونهون اکين ۾ سوزش پيدا ٿو ڪري، تهڙيءَ طرح سُست نوڪر مالڪ لاءِ تڪليف جو سبب ٿو بڻجي. 27 خداوند جو خوف حياتيءَ جا ڏينهن وڌائي ٿو، مگر بدڪار جي حياتيءَ جا ڏينهن گھٽجي ٿا وڃن. 28 سچارن جي اميد پوري ٿيڻ سان کين خوشي عطا ٿئي ٿي، مگر بدڪارن جي اميد ڪڏهن بہ پوري نہ ٿي ٿئي. 29 سڌي واٽ تي هلڻ وارن لاءِ خداوند جاءِپناهہ آهي، مگر بدڪارن لاءِ هن وٽ بربادي آهي. 30 سچارن کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو نہ ايندو، مگر بدڪارن جو ملڪ ۾ نالو نشان بہ نہ رهندو. 31 سچارن جي واتان ڏاهپ جون ڳالهيون نڪرنديون رهنديون، جڏهن تہ ڪوڙن جي زبان وڍي ويندي. 32 سچار ماڻهو صحيح ڳالهہ ڪرڻ ڄاڻين ٿا، مگر بدڪار ماڻهوءَ کي صحيح ڳالهہ ڪرڻ جي ڄاڻ ئي ڪونهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society